ٽرمپ جي ڌمڪي، ڀارت روس کان تيل جي خريداري روڪي ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي کانپوءِ ڀارتي تيل ڪمپنين روس کان تيل جي خريداري روڪي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 4 ڀارتي تيل ريفائنرين روس کان تيل جي خريداري گذريل هفتي روڪي آهي.
ڀارت تيل درآمد ڪندڙ دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ ۽ روس کان سامونڊي ڪچي تيل جو سڀ کان وڏو خريدار آهي.
ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارتي آئل ريفائنرين ۽ توانائي واري وزارت اهڙين خبرن تي تبصرو ناهي ڪيو.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 14 جولاءِ تي روس کان تيل خريد ڪندڙ ملڪن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لڳائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.