لاڊرهل(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
ويسٽ انڊيز ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ آمريڪي شهر لاڊرهل ۾ سڀاڻي جمعي جي صبح پنجين وڳي شروع ٿيندو.
ٻئي ٽيمون آمريڪا ۾ موجود آهن ۽ سيريز جي تياريون مڪمل ڪري چڪيون آهن، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف واپسي ڪئي آهي.
اڱاري تي پاڪستاني ٽيم لاڊرهل ۾ ٻئي ڏينهن به پريڪٽس ڪئي، ڪوچن ڪنڊيشن کي نظر ۾ رکندي نيٽ پريڪٽس دوران رانديگرن کي مختلف هدف ڏنا، بيٽرز پاور هٽنگ جي پريڪٽس ڪئي.
ياد رهي ته تازو ئي ويسٽ انڊيز کي آسٽريليا هٿان پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 0-5 تان ڪلين سوئپ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
You might also like