اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪينيڊين وزيراعظم مارڪ ڪارني چيو آهي ته ڪئناڊا هلندڙ سپٽيمبر ۾ فلسطين رياست کي باظابطا طور تسليم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
ڪينيڊا، جِي سيون ملڪن مان ٽيون ملڪ آهي، جنهن تازو فلسطين رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مارڪ ڪارني جو چوڻ هو ته ان قدم جو دارومدار فلسطيني اختيارين طرفامن جهموري سڌارن تي آهي، جن ۾ ايندڙ سال ٿيندڙ چونڊن ۾ حماس کي حصو نه ڏيڻ ڏيڻ جو شرط پڻ شامل آهي.
مارڪ ڪارني واضح ڪيو آهي ته فلسطين کي گڏيل قومن جي سپٽيمبر ۾ رٿيل جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي تسليم ڪيو ويندو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هن چيو ته والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪاري، غزا ۾ انساني صورتحال جي المئي ۽ 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ ڪئناڊا جي پرڏيهي پاليسيءَ ۾ وڏيون تبديليون آيون آهن.
مارڪ ڪارني وڌيڪ چيو ته ”غزا ۾ انساني الميو ناقابلِ برداشت بڻجي ويو آهي ۽ صورتحال تيزيءَ سان بدتر ٿيندي پئي وڃي.“
واضح رهي ته رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر به خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن اسرائيل غزا ۾ جنگبندي ۽ ٻين شرطن تي عمل نه ڪري ته برطانيا به سپٽيمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري وٺندو.
ان کان اڳ فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون به اعلان ڪيو هو ته سندس ملڪ سپٽيمبر ۾ گڏيل قومن جي اجلاس دوران فلسطين کي باظابطا طور تسليم ڪندو.
ٻئي پاسي اسرائيلي پرڏيهي وزارت ڪينيڊين وزيراعظم جي اعلان کي رد ڪندي، ان کي ”حماس لاءِ انعام“ قرار ڏنو آهي.
ياد رهي ته گڏيل قومن جي 193 ميمبر ملڪن مان 147 ملڪ باظابطا طور فلسطيني رياست تسليم ڪري چڪا آهن.