آمريڪا، ايران کان تيل خريدڻ تي 6 ڀارتي ڪمپنين تي پابندي مڙهي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا، ايران تي وچ اوڀر ۾ تڪرار کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقي ۾ بيچيني ڦهلائڻ واري سرگرمين لاءِ مالي مدد مهيا ڪرڻ جو الزام مڙهيندي، ايران جي آمدنيءَ جا ذريعا محدود ڪرڻ لاءِ نيون ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ان سلسلي ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي ايران جي پيٽروليم، پيٽروليم شين ۽ پيٽرروڪيميڪل جي واپار سان لاڳاپيل 20 ادارن تي پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن، جڏهن ته 10 جهازن کي بلاڪ ٿيل ملڪيت قرار ڏنو ويو آهي.
جن ڪمپنين کي ايران کان پيٽروليم شيون خريدڻ ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آهي ته انهن ۾ ڇهه ڀارتي ڪمپنيونبه شامل آهن.
آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ موجب، ڀارتي ڪمپنين مجموعي طور 22 ڪروڙ آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي ايراني پيٽرروڪيميڪل شيون درآمد ڪيون آهن.
پابندي مڙهيل ڀارتي ڪمپنين ۾ ڪنچن پوليمر،الڪيميڪل سوليوشن،رمنڪ لال ايس گوسليا اينڊ ڪمپني،جوپيٽر ڊاءِ ڪيم پرائيويٽ لميٽيڊ،گلوبل انڊسٽريل ڪيميڪلز لميٽيڊ ۽ پرسسٽينٽ پيٽرروڪيم پرائيويٽ لميٽيڊ شامل آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل فهرست موجب، ڪنچن پوليمر نالي ڀارتي ڪمپني، گڏيل عرب امارتن جي تنائس ٽريڊنگ نالي ڪمپني کان 13 لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي ايراني پيٽرروڪيميڪل شين سميت پوليٿيلين خريد ڪئي.
الڪيميڪل سوليوشن تي الزام آهي ته جنوري کان ڊسمبر 2024 تائين ان ڪمپني مختلف ادارن کان 8 ڪروڙ 40 لک ڊالر جي ايراني پيٽرروڪيميڪل شيون خريد ڪيون.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

رمنڪ لال ايس گوسليا اينڊ ڪمپني جنوري 2024 کان جنوري 2025 تائين ميٿانول ۽ ٽوليون سميت ٻيون شيون 2 ڪروڙ 20 لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت ۾ خريد ڪيون.
جوپيٽر ڊاءِ ڪيم پرائيويٽ لميٽيڊ تي الزام آهي ته ان ڪمپني جنوري 2024 کان جنوري 2025 جي وچ ۾ مختلف ادارن کان 4 ڪروڙ 90 لک ڊالر جي ايراني پيٽرروڪيميڪل شيونون درآمد ڪيون.
گلوبل انڊسٽريل ڪيميڪلز لميٽيڊ جولاءِ 2024 کان جنوري 2025 تائين ميٿانول سميت مختلف ايراني مصنوعات 5 ڪروڙ 10 لک ڊالر جي ماليت ۾ خريد ڪيون.
پرسسٽينٽ پيٽرروڪيم پرائيويٽ لميٽيڊ تي الزام مڙهيو ويو آهي ته ان ڪمپني آڪٽوبر 2024 کان ڊسمبر 2024 تائين 1 ڪروڙ 40 لک ڊالر جي ايراني شيون درآمد ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.