شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي)شڪارپور پوليس مبينا مقابلن دوران ٻن ڏوھاري سڳن ڀائرن سميت ٽن ڏوھارين کي مارڻ ۽ ھڪ پوليس اھلڪار کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، جاري ڪيل پوليس پڌرائي مطابق شڪارپور پوليس ۽ رينجرز جو رستم جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي ۾ ڏوهارين جي بدنام زمانه ڏوھاري گروپ شھزادو ڪمالاڻي جتوئي خلاف گڏيل آپريشن ڪيو ويو،آپريشن دؤران ٻه ڏوهاري يار محمد ڪمالاڻي ۽ ڀاڳيو ڪمالاڻي مقابلي ۾ مارجي ويا، جڏھن ته ٽي ڏوھاري زخمي ٿي پيا، رينجرس ۽ پوليس جي گڏيل ڪاروائي ۾ مغوي پوليس اھلڪار واجد جوڻيجو کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته ڏوهاري شھزور ڪمالاڻي جتوئي پنھنجي ساٿين جي گولي۾ مارجي ويو، جنھن وٽان ڪلاشنڪوف ۽ گوليون پڻ ھٿ ڪيون ويون، شھزور ڪمالاڻي پوليس اھلڪار مير محمد ميمڻ جي شھادت ۽ سردار غالب حسين ڊومڪي مٿان حملو ڪري ٻن گارڊن کي قتل ڪرڻ سميت مختلف ڦر ڌاڙن ۽ اغوائن ۾ ملوث ھو، اھڙي پوليس ڪاروائي بعد مارجي ويل ڏوھاري جي ڀاءُ شھزادو ڪمالاڻي پنھنجي ساٿين سميت انڊس هاءِ وي تي ڪاھ ڪري پارڪو پوليس پيڪٽ تي حملو ڪيو، ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ اھلڪار زاھد شاھ زخمي ٿيو، جڏھن ته ھٿياربند ٻئي پوليس اھلڪار واجد جوڻيجو کي اغوا ڪري ويا، ڏوھاري شھزادو ڪمالاڻي مغوي اھلڪار جو درياهه ڪناري تي وڊيو وائرل ڪري پنھنجن مارجي ويل ڀاءُ جي لاش جي پوليس کان گھر ڪئي ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي روئيندي ڌمڪيون پڻ ڏنيون، اھڙي وڊيو بعد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، پوليس رينجرس ۽ ڊرون جي مدد سان ڳوٺ سلطان ڪمالاڻي ۾ آپريشن ڪري ٻه ڏوھاري يار محمد ڪمالاڻي جتوئي ۽ ڀاڳيو ڪمالاڻي جتوئي کي مقابلي دؤران مارڻ ۽ مغوي اھلڪار کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو، پوليس مطابق 12 ڪلاڪن دؤران پوليس جي بروقت ڪاروائين دؤران ٽي ڏوھاري مارجي ويا، ٻئي پاسي زخمي اھلڪار زاھد شاھ جو علاج سکر اسپتال ۾ ھلندڙ آھي، ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ جو چوڻ ھو ته شهيد جوان سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڏيکاريو آھي، شڪارپور پوليس مسلسل ڏوھاري عنصرن جي خاتمي لاءِ فرنٽ لائن تي آهي، هي ڪارروائي نه رڳو شھيدن سان انصاف آهي، پر ان ڌرتي سان به وفا آهي جنهن جي حفاظت لاءِ اسان جا سپوت پنهنجون جانيون قربان ڪن ٿا، شھيدن جي قربانيون رائيگان نه وينديون، ڏوھارين خلاف سخت ڪارروايون جاري رھنديون، گهرو وزير ضيا لنجار ايس ايس پي شاھه زيب چاچڙ جي ساراهه ڪندي چيو ته ڏوھارين کي مارڻ ۽ پوليس اهلڪار جي صحيح سلامت واپسيءَ تي مبارڪباد جا مستحق آهن، شڪارپور اندر ڏوھارين جو خاتمو ڪيو ويندو.