سرڪاري نوڪرين لاءِ ڪاغذن جي تصديق لازمي قرار

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جعلي تعليمي ڊگرين، ڊوميسائل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ رکڻ وارن لاءِ سرڪاري نوڪرين جو دروازو بند ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان چيف سيڪريٽري سڀني ايڊيشنل چيف سيڪريٽرين، سيڪريٽرين، ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي خط لکي واضح ڪيو آهي ته نئين ڀرتين کان اڳ اميدوارن جي ڪاغذن جي شروعاتي مرحلي ۾ ئي مڪمل تصديق لازمي قرار ڏني وڃي، سرڪاري نوڪري جو آرڊر جاري ڪرڻ کان اڳ تعليمي ڊگرين جي لاڳاپيل بورڊ کان، ڪمپيوٽرائزڊ سڃاڻپ ڪارڊ جي نادرا کان، ۽ ڊوميسائل ۽ مستقل رهائشي سرٽيفڪيٽ (PRC) جي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر کان تصديق ڪرائڻ ضروري هوندو. ان کان سواءِ، جيڪڏهن ڪو ٻيو دستاويز پيش ڪيو وڃي ته ان جي به باقاعده تصديق ڪئي وڃي، چيف سيڪريٽري چيو ته ڪاغذن جي تصديق کان سواءِ ملازمت ڏيڻ سان بعد ۾ سنگين مسئلا پيدا ٿين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.