دبئي( م ڊ) پاڪستان جي مهانگي ترين 10 ڪروڙ رپين واري نمبر پليٽ خريد ڪندڙ صنعتڪار مزمل پراچا بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.پاڪستان جي سڀ کان مهانگي ۽ ناياب گاڏي نمبر پليٽ، جيڪا 10 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪئي وئي هئي، ان جي خريدار صنعتڪار مزمل پراچه موذي مرض ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري ويو. مزمل پراچا جون 2024 ۾ سنڌ حڪومت پاران وڪري لاءِ پيش ڪيل خاص نمبر پليٽن مان سڀ کان ناياب نمبر پليٽ خريد ڪئي هئي. هن ڪاروباري شخص 10 ڪروڙ رپين عيوض ’A-1‘ نمبر واري خاص پليٽ خريد ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هن جون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿي ويون هيون. بهرحال، هاڻ جڏهن هن جي وفات جي خبر سامهون آئي آهي ته سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن نه صرف افسوس جو اظهار ڪيو، پر هن جي مغفرت لاءِ دعائون به ڪيون. مقامي ميڊيا رپورٽن ۽ سوشل ميڊيا صفحن موجب، مزمل پراچه ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا هو ۽ علاج دوران متحده عرب امارات (يو اي اي) جي رياست دبئي ۾ وفات ڪري ويو.مزمل پراچه جي لاڏاڻي تي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته "موت کان دولت به بچائي نٿي سگهي”، ۽ گڏوگڏ هن جي مغفرت لاءِ دعائون به ڪيون. سنڌ جي تاريخ جي مهانگي ترين نمبر پليٽ خريد ڪندڙ مزمل پراچه ڪروڙين رپين جي ملڪيت ۽ ڪاروبار جو مالڪ هو، ۽ هو ڪيترين ئي ڪمپنين جو مالڪ به هو.مزمل پراچه کي ناياب ۽ اعليٰ گاڏيون خريدڻ جو شوق به هو، ۽ هن وٽ مختلف قسمن جون گاڏيون پڻ هيون. هن گاڏين لاءِ خاص ۽ يونڪ نمبر پليٽون پڻ خريد ڪري رکڻيون هيون.