دهشتگردي ٽوڙ عدالت ارمغان جي والد جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا

 ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل ڪمپليڪس ۾ موجود دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾مصطفي عامر قتل ڪيس ۾ غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ مني لانڊرنگ سميت 4ڪيسن ۾ جيل عملدارن پاران جوابدار ارمغان ۽ شيزار کي پيش ڪيو، عدالت ارمغان جي پيءِ ڪامران قريشي جا پروڊڪشن آرڊ جاري ڪريڇڏيا آهن، ايف آءِ اي جو فوڪل پرسن سب انسپڪر محمد شفيع ۽ جاچ آفيسر محمد علي پيش ٿيا،فوڪل پرسن جو چوڻ آهي ته ان ڪيس جي سپروائيزي آءِ او جي مقرري ڪئي ويندي، جيڪو ايندڙ ٻڌڻي ٿي پيش ٿيندو،  عدالت بغير ڪاروائي جي ڪيس 7آگسٽ تائين  ملتوي ڪري ڇڏيو آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.