حيدرآباد (پ ر) کنڊ بحران پيدا ڪري، کنڊ مهانگي ڪرڻ جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجو ۽ قادر ڀٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت بليڪ مارڪيٽنگ ۾ ملوث آهي، اهم حڪومتي شخصيتون اختيارن جو ناجائز فائدو وٺي بليڪ مارڪيٽنگ ڪري مهانگائي وڌائي رهيون آهن، ملڪ جي زراعت کي تباهه ڪيو ويو آهي، مٿان وري اسمگلنگ ۽ جعلي انگ اکرن جي بنياد تي ايڪسپورٽ ڪري پوءِ ساڳيون شيون مهانگي اگهه تي امپورٽ ڪيون پيون وڃن. کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث سمورن سرڪاري ڪارندن توڙي منافعي خور واپارين کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي