شگر مل مالڪن هٿان حڪومت يرغمال بڻيل آهي:جماعت اسلامي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته حڪومت کنڊ ۽ اٽو چور مافيا جي جي ھٿان يرغمال آهي. عوام بي حال ٿي ويا آهن، جڏهن ته شگر مل مالڪن 300 ارب ڪمائي ورتا آهن. شهباز حڪومت طرفان مقرر ڪيل کنڊ جي اگهن تي ڪٿي بہ عمل درآمد ٿيندي نظر ڪونه ٿو اچي.حڪومتي نااهلي جي ڪري شهر سنڌ جا ماڻهو سڀ کان مهانگي اگهه تي اٽو وٺڻ تي مجبور آهن، پر ڪو پڇڻ وارو ڪونهي. جيڪا حڪومت پنهنجن ئي مقرر ڪيل اگهن تي عمل نٿي ڪرائي سگهي ته پوءِ حڪومت ڪنهن شيء جو نالو آهي؟هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ عام استعمال جي شين، جهڙوڪ اٽو، کنڊ، کير، کاڄري تيل ۽ ڀاڄين جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.حڪومت عوام کي ڪا به سهولت نه پئي ڏئي. 17سالن کان پيپلز پارٽي جي لڳاتار حڪومت باوجود بلدياتي نظام ۽ پرائس ڪنٽرول ادارا تباهه ٿي چڪا آهن. سرڪاري ادارا سياسي بنيادن تي هلائڻ سبب خراب گورننس جو شڪار آهن. نيب ۽ ايف آءِ اي جا ادارا مسلسل سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن جون رپورٽون ڏئي رهيا آهن.اھڙن خيالن جو اظهار ھن نيشنل ڪنزيومر موومينٽ جي ورڪنگ ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب دوران ڪيو. ان موقعي تي NCM جو صدر شهزاد مظهر، زاهد راجپر، ارشد شيخ، عرفان رانا، محسن وهره، عابد سهگل ۽ عبدالغفار پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.