اسلام آباد(م ڊ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان 2 آگسٽ تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان ايندو، ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ ايراني صدر جي سياسي مشير مهدي سنائي چيو ته، ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ڇنڇر جي شام 11 آگسٽ تي وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪندو، دوري دوران سرڪاري ملاقاتون ۽ ثقافتي ۽ واپاري شخصيتن سان ڳالهيون ايجنڊا جو حصو هونديون، ايراني خابرو اداري موجب سندس هي دورو اصل ۾ جولاءِ جي آخري هفتي لاءِ طئي ٿيل هو، اپريل 2024 ۾ اڳوڻي ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جو ٽي ڏينهن وارو سرڪاري دورو ڪيو هو، جيڪو هن جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ وفات کان هڪ مهينو اڳ ٿيو هو، هن دوري دوران هن لاهور ۽ ڪراچي جو به دورو ڪيو هو،