اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي ۾ آڊٽ اختيارين انڪشاف ڪيو آهي ته پورٽ قاسم اٿارٽي مالي سال 20،2019-20 ۽ 21-2020- لاءِ وفاقي حڪومت کان منظوري وٺڻ کان سواءِ 185 ارب رپيا خرچ ڪيا، جيڪو ضابطن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر معين عامر پيرزاده جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سامونڊي معاملن جي وزارت سان لاڳاپيل سنگين آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو، سامونڊي معاملن جي سيڪريٽري وضاحت ڏني ته هاڻ ضابطن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ۽ بجٽ وفاقي حڪومت کان منظوري وٺي منظور ڪيا وڃن ٿا، هاڻ سڀئي بجٽ ضابطن مطابق منظور ٿين ٿا ۽ تنظيم جي ڪارڪردگي به اطمينان بخش آهي۔تنهن هوندي به، ڪنوينئر معين عامر پيرزاده واضح ڪيو ته ان معاملي ۾ بي ضابطگي ته ٿي آهي، ۽ هن معاملي تي مڪمل آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڏني۔ ڪميٽي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي ان وقت جي پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر کي وارننگ ڏيڻ جي سفارش سان معاملو نبيريو.ٻئي طرف، اجلاس ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي جي زمين تي قبضي جو به انڪشاف ٿيو.آڊٽ اختيارين ٻڌايو ته بينظير گلشن اسڪيم ۾ 3 ڪروڙ 50 لک رپين جي ماليت جي زمين تي سالن کان قبصو آهي، جيڪا اڃا تائين خالي نه ڪرائي وئي آهي۔ سامونڊي معاملن جي سيڪريٽري مطابق، زمين تي عارضي طور ٻوڏ متاثر ٿيل ماڻهن رهاڪو بڻيا هئا، جن کي هٽائڻ لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي رينجرز سان گڏ هڪ خاص ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي