طلاقيل ڌيءُ به والد جي پينشن لاءِ حقدار، شادي جو شرط رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ طلاق ٿيل ڌيءَ کي شادي جي حيثيت بدران حق جي بنياد تي والد جي پينشن ڏيڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ طلاق ٿيل ڌيءَ کي والد جي پينشن ڏيڻ بابت فيصلو جاري ڪندي سنڌ حڪومت جو امتيازي سرڪلر رد ڪري ڇڏيو۔ جسٽس عائشہ ملڪ جي ڏهن صفحن تي ٻڌل تحرير ٿيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پينشن ڪو خيرات يا بخشش نه آهي، بلڪه هڪ آئيني ۽ قانوني حق آهي جيڪو سرڪاري ملازم جي وارثن تائين منتقل ٿئي ٿو، ۽ ان ۾ دير ڪرڻ ڏوهه جي زمري ۾ اچي ٿو.سپريم ڪورٽ والد جي جاءِ تي ڌيءَ کي نوڪري لاءِ اهل قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت واضح ڪيو ته ڌيءَ کي پينشن شادي جي حيثيت بدران مالي ضرورت ۽ حق جي بنياد تي ملڻ گهرجي، طلاق والد جي وفات کان اڳ يا پوءِ ٿي، اهو لاڳاپيل ناهي.سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت جي 2022 واري امتيازي سرڪلر کي غير آئيني قرار ڏيندي چيو ته ڌيءَ جي پينشن کي شادي سان مشروط ڪرڻ، آئينجي آرٽيڪل 9، 14، 25 ۽ 27 جي ڀڃڪڙي آهي۔ عدالت اهو به چيو ته پاڪستان جو صنفي برابري جي عالمي درجه بنديءَ ۾ آخري نمبر تي هجڻ افسوسناڪ ڳالهه آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.