صنفي مت ڀيد جي خاتمي جو مطالبو، عورتن سان انصاف لاءِ هنگامي مرڪز کوليا وڃن:سول سوسائٽي

 ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) وڪيل عورت اڳواڻن، انساني حقن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۽ صحافين صحافتي ادارن کي تجويز پيش ڪئي آهي ته سماج ۾ صنفي تشدد ۽ عورتن جي قتل جي روڪ ۽ جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ضلعي سطح تي هنگامي ايمرجنسي سينٽر ٺاهيا وڃن، ججن، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سربراهن ۽ ملازمن کي صنفي فرق، عورتن تي تشدد ۽ قتل کي انساني قتل سمجهڻ جي لاءِ صنفي تربيت ڏني وڃي، اخبارن ۽ ٽي وي چينل ۾ عورتن جي قتل کي عزت، غيرت جي نالن ۽ ڪارو ڪاري لفظ لکڻ ۽ چوڻ ۽ گهر مان ڀڄي وڃڻ جي لفظن تي پابندي لاڳو، عورتن جي فوٽن کي انهن جي اجازت کان سواءِ تفريح ۽ ٻين مقصدن لاءِ شايع يا فلم بند نه ڪيا وڃن،  ان متعلق ضابطا ۽ اصول ٺاهي اخباري ڪارڪنن جي تربيت ڪئي وڃي لياري جي شانتي تي جنسي تشدد ۽ قتل ڪيس جي پس منظر ۾ جنس ۽ جنسي لاڳاپن جي تعليم کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي، عورتن کي ٻار ييداڪرڻ جو انساني حق تسليم ڪيو وڃي، ننڍي عمر جي شادين تي لڳل پابندي کي عملن لاڳو ڪيو وڃي، ملڪ ۽ صوبي ۾ عورتن جي قتل ۽ تشدد ۽ ٻين مسئلن تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي موجود سرڪاري عورتن جي حقن جي ڪميشنن جو گڏيل نيٽ ورڪ جوڙي عورتن جي ڪيسن جا انگ اکر هڪٻئي سان ونڊي اهي اخبارن ۾ جاري ڪيا وڃن، سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان جرڳن تي وڌل پابندين کي عملن لاڳو ڪري جرڳا ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي. اها تجويزون ۽ مطالبا ڪالهه نيشنل ڪميشن ڦار هيومن رائٽس جي آفيس ۾ سنڌ لايرس الائنس طرفان ڪميشن جي سهڪار سان ” ملڪ  جي عدليه کان وٺي ميڊيا ۽ مختلف ادارن ۾ موجود صنفي فرق ۽ ناروا سلوڪ” جي موضوع تي منعقد ٿيل هڪ ٽيبل بحث مباحٿو جي پڄاڻي تي گڏيل راءِ سان پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي ويمن لايرس الائنس جي چيئرپرسن شازيه نظاماڻي وڪيل ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۽ سنڌ ۾ هروروز هڪ يا هڪ کان وڌيڪ عورتون پنهنجن گهريلو مردن هٿان قتل ٿي رهيون آهن ، هن چيو ته سال 2024 ۾ 500 عورتن کي نام نهاد غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو، 5 هزار عورتن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي، ناليواري سماجي اڳواڻ ۽ ناچڻي شيما ڪرماني چيو ته اسان کي عورتن جي حقن جي بحالي ۽ صنفي فرق لاءِ جوڙيل پنهنجون تجويزون ۽ گذارشون پارليامينٽ جي عورت ميمبرن ۽ ٻين حڪومتي ادارن کي موڪلڻ گهرجن، روبينا چانڊيو، سيما مهيشوري ،وهاب پندراڻي ،ورثا  پيرزادو ، يونس ناريجو، نجمه  مهيشوري ،ماروي ، فهميده سهيل ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته لياري ۾ شانتي سان مڙس طرفان ٿيل جنسي تشدد کي بنياد بڻائي جنس ۽ جنسي لاڳاپن جي سائنسي تعليم کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي  .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.