اسلام آباد( قربان بلوچ) ذوالفقار ڀٽو جونيئر سرگرم ٿي ويو، نئين سياسي جماعت بڻجي رهي آهي،ملڪ ۾ ڪجهه ته ضرور پيو ٿئي ٻي خبر اها آهي ته سنڌ ڪابينا جو هڪ اهم وزير پنهنجي وزارت ڇڏي رهيو آهي،ذريعن ٻڌايو ُهو وزير ته پنهنجي پاڻ کي بچائڻ لاءِ وزارت ڇڏي رهيو آهي، پر اصل ڳالهه اها آهي ته ٽن وڏن وزيرن جو گيرو تنگ ٿي رهيو آهي.،نيب انهن جي خلاف ڪاروائي لاءِ فائيلن جو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي. ساريون ڪڙيون ملي ويون آهن، هاڻي صرف حتمي منظوري جي دير آهي،ملڪ هن وقت سياسي، انتظامي، معاشي ۽ اختياريسطح تي تبديلي جي مرحلي مان گذري رهيو آهي.ڪو چئي رهيو آهي ته موجوده سيٽ اپ هر صورت ۾ 2027 تائين هلڻ گهرجي، ٻيا چون ٿا ته عمران خان، جيڪو اڊيالا جيل ۾ قيد هو ۽ هاڻي اسلام آباد جيل منتقل ٿيڻ وارو آهي، اهو اڃا تائين طاقتور آهي، ۽ جڏهن چاهي، ملڪ ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿو ،ٻئي طرف، پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز تي نوان ڪيس هلي رهيا آهن. انهن مان ڪيترن جي نااهليءَ جا مرحلا شروع ٿي ويا آهن، ۽ اڄ انهن مان چوٿين کي به هٽايو ويو آهي. هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ جي سياسي سائيڪل هڪ تبديلي جي گول گھمندي پئي وڃي،سياسي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن فاطمه واپسي ڪري ٿي ۽ فيصلا سنجيدگي سان ڪري ٿي، ته ذوالفقار جونئير جي سياست محفوظ طريقي سان اڳتي وڌي سگهي ٿي،هڪ ذريعي موجب سنڌ ڪابينا جو هڪ اهم وزير وزارت ڇو پيو ڇڏي؟ ته ٻڌايو ويو ته هو اهو تسليم ڪري چڪو آهي ته هو مفادن جي ٽڪراءَ جي ڪري وزارت تان هٿ کڻي رهيو آهي ۽ چاهي ٿو ته کيس ليبر ۽ مين پاور جي وزارت ملي، ته جيئن مزدورن جي خدمت ڪري سگهي،جڏهن ته ٽن وڏن وزيرن خلاف سڄي تياري مڪمل ٿي چُڪي آهي. اسلام آباد مان آيل آفيسر، ڪراچي ۾ سڄي هڪ مهيني تائين انهن وزيرن جي ڪارڪردگي، زمينن تي قبضن، ريفرنس، ۽ ٻين ڪرپشن جي ڪيسن بابت فائيلون تيار ڪري چڪا آهن.انهن فائيلن ۾ سڀ ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن، ۽ هاڻي اهي فيصلا ڪندڙ قوتن جي سامهون رکيا ويا آهن. ڪجهه جو چوڻ آهي ته انهن کي هاڻ ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو وقت اچي ويو آهي.هڪ مثال ڏيندي ٻڌايو ويو ته واٽر ۽ ايريگيشن جي منصوبن تي، صرف فائيل تيار ڪرڻ تي 15٪ رشوت ورتي وڃي ٿي.پوءِ پروجيڪٽ جي ڪميشن نارمل 51٪ تائين هجي ٿي! باقي 49٪ مان ٺيڪيدار، خرچ، ۽ منصوبي جو باقي ڪم هلائجي ٿو.اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته اهي منصوبا ڪيترا پائيدار هوندا؟ اندازو پاڻ لڳايو.