ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي محتسبِ اعليٰ ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪٽيو آفيسر (سي اي او) مونس علوي کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
محتسب اعليٰ سنڌ جسٽس رٽائرڊ شاهنواز طارق، مونس علوي تي 25 لک رپين جو ڏنڊ به لاڳو ڪيو آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مٿان هڪ عورت کي هيسائڻ جو الزام ثابت ٿيو آهي۽ کيس هڪ مهيني جي اندر ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻي پوندي.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
جسٽس رٽائرڊ شاهنواز طارق پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مونس علوي شڪايت ڪندڙ عورت کي هراسان ڪيو ۽ ذهني اذيت ڏني، جيڪڏهن هن ڏنڊ ادا نه ڪيو ته سندس ملڪيت ضبط ڪئي وڃي.
محتسب اعليٰ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مونس علوي ڏنڊ ادا نه ڪيو ته سندس قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ به بلاڪ ڪيا وڃن.