ڪراچي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج جاري

ڪراچي (رپورٽر) 38 ڏينهن کان ڪئمپ قائم ڪري ويٺل ماستري جي اميدوارن جي اڳواڻن  عبدالغفار ،صدام سانڊاڻو ڪالههڪراچي پريس ڪلب ٻاهران 38 ڏينهن کان جاري احتجاجي ڪئمپ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي بي حسي سبب هاڻي اسلام آباد مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مسلسل ڏينهن رات احتجاجي ڪئمپ ۾ 38 ڏينهن گذري ويا آهن پر ڪو حڪومتي نمائندو ڳالهين لاءِ به نه آيو آهي. هنن چيو ته  40 ۽ ان کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪندڙن لاءِ سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ به فيصلو ڏنو پر اڃا تائين 7/8 هزار اميدوارن کي آفر ليٽر نه ڏنا ويا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران ڀرتين جو عمل روڪي رهيل اميدوارن سان نا انصافي ڪئي پئي وڃي ،احتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته ڀرتين جو مدو وڌائي 40 ۽ ان کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي فوري طور آفر ليٽر جاري ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.