ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ دهشتگردي جي روڪٿام واري کاتي سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هڪ ڪامياب گڏيل ڪارروائي دوران ڪالعدم دهشتگرد تنظيم سان واسطو رکندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار ٽرين وسيلي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر قانون جي گرفت ۾ اچي ويا، گرفتار جوابدار 18 مئي تي بدين ۾ ٿيل قتل واري واقعي ۾ ملوث هئا، سي ٽي ڊي موجب، جوابدارن وٽان قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي، جيڪو فارنزڪ لاءِ اماڻيو ويو آهي، جوابدارن ڪارروائي کان اڳ حيدرآباد ۾ ترسيل هئا ۽ واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي هئي، سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته قتل جي واقعي ۾ ڪالعدم ڌاريا پسند تنظيم جي ملوث هجڻ جا ثبوت به سامهون آيا آهن، جڏهن ته جوابدار ڪيترن ئي ٻين سنگين ڪيسن ۾ به گهربل آهن، گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ محمد سجاد عرف شاوو، عبيد علي عرف عبيدي، محمد عمير اصغر ۽ شڪيل احمد شامل آهن، ڪامياب ڪارروائي تي آءِ جي سنڌ سي ٽي ڊي جي ٽيم لاءِ انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ جو اعلان ڪيو آهي.