اسلام آباد(م ڊ)سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته اخبارن جي هيڊلائن آهي ته شگرمل مالڪن 300 ارب رپيا ڪمائي ورتا،اها ڪهاڻي هر سال ورجائي وڃي ٿي، حڪومتون بدلجي وڃن ٿيون عوام جا مسئلا ساڳيا ئي رهن ٿا،هر حڪومت جي دور ۾ کنڊ برآمد ٿئي ٿي پوءِ درآمد ڪئي وڃي ٿي،مشرف جهڙو طاقتور حڪمران به شگر مافيا آڏو بيوس نظر آيو،اشرافيه کنڊ نه برائون شگر استعمال ڪندي آهي،ناڻي واري مملڪتي وزيربلال اظهر ڪياني چيو ته کنڊ جي بحران تي حڪومت تي تنقيد جائز آهي،کنڊ جي صنعت کي ڊي ريگيوليٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نئين سيزن ۾ پيداوار نه ٿي ان ڪري درآمد جو فيصلو ڪيو ويو،ذخيره اندوزي ٿي رهي آهي، نعيم حيدر پنجوٿا چيو ته شگرملون شريف خاندان،زرداري ۽ جهانگير ترين جون آهن، جڏهن توهان جو خاندان شگرملن جي صنعت ۾ هجي تڏهن توهان کي کنڊ بابت فيصلو ڪرڻ جو اختيار ناهي، پهرين کنڊ برآمد ڪري اربين رپيا ڪمايا ويا،هاڻي نومبر ۾ کنڊ درآمد ڪئي ويندي،پوءِ هارين جو ڪمند سستي اگهه تي ورتو ويندو، وري ايندڙ سال مارچ ۾ پئسو ڪمايو ويندو،هن چيو ته اسان جي حڪومت ۾ عمران خان وڏو اسٽينڊ ورتو،جهانگير ترين ان ڪري اسان کان الڳ آهي،اسحاق ڊار کي ايڊوائزري ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو،هن حڪمرانن جي خاندانن کي فائدو پهتو،ڪسان اتحاد جي صدر خالد کوکر چيو ته پ پ،ن ليگ،ق ليگ، پي ٽي آءِ سڀ پيٽ خاطر گڏ آهن،ڪين ڪمشنر جا اختيار ختم ڪيا ويا،آبادگار ڪمند جي ادائيگين لاءِ عدالت نٿا وڃي سگهن، هن چيو ته 300 ارب رپيا ڪمايا ويا اسان آبادگارن کان 2200 ارب رپين جو گهپلو ڪيو ويو،توهان جي فصلن جي ايڪسپورٽ ۾ ڪمي اچي وئي آهي، ڪپهه جي درآمد ۾ ڇهن مهينن ۾ 340 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي،اسان حڪومت کان مطالبو آهي ته امپورٽ ايڪسپورٽ اٿارٽي بڻائي وڃي ٻيو هڪ پرائس ڪميشن بڻائي وڃي، هن چيو ته انڊيا انيدڙ سال جي فصل لاءِ اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، هن وقت آبادگارن جون حالتون خراب آهن،تمام فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي،