کنڊ درآمد ٿي ته ڪمند جو اگهه ڪرندو:ايوان زراعت

حيدرآباد(رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ، حڪومت جي کنڊ پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته کنڊ جي صنعتکي ريگيوليشن مان ڪڍي آزاد ڪري، ان تي حڪومت جو ڪنٽرول ختم ڪيو وڃي. حڪومت جي ٻاھران کنڊ گھرائڻ واري فيصلي کي ڪمند جي آبادگارن جو معاشي قتل عام قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ جي آبادگارن کي ھڪ ڀيرو ٻيهر ھلندڙ سال 2026-2025ع ۾ ڪڻڪ نه پوکڻ جي پڻ اپيل ڪري ڇڏي آھي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي چيف پيٽرن ۽ مرڪزي صدر پروفيسر ڊاڪٽر سيد نديم قمر پاران تنظيم جي مرڪزي ھيڊڪوارٽر حيدرآباد مان جاري ڪيل پنھنجي بيان ۾ حڪومت جي کنڊ جي صنعت بابت پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته کنڊ جي صنعت کي به ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن وانگر ريگيوليشن مان ٻاهر آڻي، مارڪيٽ جي طلب ۽ رسد تي ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت کي کنڊ جي درآمد کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته 30 جون 2025ع تائين ملڪ ۾ اڳ ئي 25 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جو ذخيرو موجود آهي، هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن کنڊ درآمد ڪئي وئي ته اها آڪٽوبر جي آخر تائين ملڪ ۾ پهچندي، جڏهن ته مقامي ڪمند جي ڪرشنگ سيزن نومبر جي پهرين تاريخ کان شروع ٿيندي. اهڙي صورتحال ۾ مقامي آبادگارن کي ڪمند جو مناسب اگهه نه ملندو. هن اڳڪٿي ڪئي ته هن سال سٺي برسات پوڻ سبب ڪمند جو بمپر فصل لھندو. ھن وڌيڪ چيو ته کنڊ جي درآمد جو فيصلو آبادگارن جو معاشي قتل هوندو، ڇو ته شوگر ملز وارا درآمد ڪيل کنڊ جو جواز بڻائي، مقامي آبادگارن کي ڪمند جو مناسب اگهه نه ڏيندا. موجوده مهانگائي جي دور ۾ ڪمند جو امدادي اگهه گهٽ ۾ گهٽ 600 رپيا في مڻ هجڻ گهرجي. پروفيسر ڊاڪٽر سيد نديم قمر ياد ڏياريو ته آءِ ايم ايف جي دٻاءَ هيٺ، حڪومت اڳ ۾ ئي ڪڻڪ خريدڻ تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي ۽ ڪڻڪ جو سرڪاري طور تي امدادي اگھه مقرر ڪرڻ مان پڻ ھٿ ڪڍي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.