ڪراچي (پورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ 2012ع دوران 17هين گريڊ ۾ سڌي ريت ڀرتي ٿيل انفارميشن آفيسرن جي اهليت جاچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ٻيون ڀيرو نوٽيس جاري ڪندي تنبيهه ڪئي آهي ته 36 انفارميشن آفيسرن 7 ڏينهن اندر پنهنجا ڪاغذ جمع نه ڪرايا ته کين هميشه لاءِ فارغ ڪيو ويندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي حڪم مطابق اطلاعات کاتي پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي سفارش ڪئي وئي هئي ته 2012 ۾ سڌي ريت ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل انفارميش آفيسرن کي مستقل ڪرڻ لاءِ سندن اهليت جو معيار چڪاس ڪيو وڃي جنهن تحت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران 36انفارميشن آفيسرن کي پهرين جولائي 2025 تي نوٽيس جاري ڪري ٻڌايو ويو ته هو پنهنجا سمورا ڪاغذ 7 ڏينهن اندر جمع ڪرائين ته جيئن سندن اهليت جو جائزو وٺي سگهجي، مليل ڄاڻ موجب سڌي ريت ڀرتي ٿيل انفارميشن آفيسرن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن پنهنجا ڪاغذ نه اماڻيا جنهن بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ٻيهر 28 جولائي تي انفارميشن آفيسرن کي رمائينڊر(يادگيري خط) جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته 7 ڏينهن اندر پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرائين ٻي صورت ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران کين هميشه لاءِ فارغ ڪيو ويندو. ياد رهي ته شهري ڪوثر نور سولنگي 2014 دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سي پي نمبر ڊي 4769 داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته 17هين گريڊ جا انفارميشن آفيسر سڌي ريت ڀرتي نه ٿا ٿي سگهن، ڀرتي ڪيل آفيسرن وٽ گهربل ڊگري به ناهي، جنهن بعد مئي 2025 ۾ سنڌ هاٰءِ ڪورٽ سڌي ريت ڀرتي ڪيل انفارميشن آفيسرن جي اهليت جو جائزو وٺڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ويو هو.
ماس ڪميونيڪيشن جي ڊگري نه هجڻ باوجود 36 آفيسر ڀرتي ڪيا ويا
ڪراچي: سڌي ريت ڀرتي ٿيل 36 انفارميشن آفيسرن وٽ گهربل ماس ڪميونيڪشن يا جنرلزم جي ڊگري ئي ڪونهي،ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو آهي ته ريڪروٽمينٽ رولز تحت انفارميشن آفيسر لاءِ ماس ڪميونيڪيشن يا جنرلزم ۾ ماسٽر جي ڊگري هجڻ ضروري آهي پر اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران پنهنجي پهرين دور ۾ ڀرتي ڪيل انفارميشن آفيسرن وٽ گهربل ڊگري ئي ناهي جنهنڪري آفيسر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن پنهنجا ڪاغذ اماڻڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن ڇو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران آفيسرن کان ماس ڪميونيڪيشن يا جنرلزم جي ڊگري طلب ڪئي وئي آهي.
سترهين گريڊ ۾ سڌي ريت ڀرتين سبب ترقيون نه ٿيون
ڪراچي: سترهين گريڊ ۾ سڌي ريت انفارميشن آفيسر ڀرتي ڪرڻ سبب، ڪيترن ئي سالن کان ملازمن جا پروموشن رڪجيويا. ذريعن موجب اطلاعات کاتي ۾ سڌي ريت انفارميشن آفيسر ڀرتي ٿيڻ سبب ننڍن ملازمن جا پروموشن رڪجي ويا آهن جڏهن ڄاڻايل انفارميشن آفيسرن سبب ڪميشن پاس انفارميشن آفيسرن جا بطور ڊپٽي ڊائريڪٽر پروموشن رڪيل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀرتي ڪيل بااثر انفارميشن آفيسرن کي خبر به لکڻ ناهي ايندي.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرپشن جي منڊي بڻايو ويو آهي:اياز پليجو
اسلام آباد /حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، شوڪت تنيو، منان شيخ، خادم سمون جي اڳواڻي ۾ مرڪزي وفد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران سڀاڻي (اڄ) اسلام آباد ۾ ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس شرڪت ڪندو. ڪانفرنس ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي، ڪرپشن سميت وسيلان جي ڦڙ لٽ خلاف سنڌ جو ڀرپور نموني ڪيس پيش ڪيو ويندو،ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرپشن جي منڊي بنائي نوجوانن کان اميد کسي وئي آھي.ميرٽ جو قتل ڪري نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن. نوجوانن جو استحصال سنڌ جو استحصال آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ 18 سالن کان بيڊ گورننس جي نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ ڏوھاري ڪنھن بہ وقت ڪنھن کي بہ نشانو بنائي سگھن ٿا. پوليس سميت ھر کاتي کي ڦرلٽ جو ذريعو بنايو ويو آھي. آفيسرن کي قانون ۽ آئين موجب ڪم ڪرڻ ڏيڻ بدران ذاتي نوڪر ڪريھلايو پيو وڃي. ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي. ريساڻو، وڏيرڪو ۽ سرداري راڄ آھي. پوليس ۽ ٻين کاتن جا عملدار ڪمدار بڻيل آھن. پوليس جون مقرريون سياسي بنيادن تي ڪيون وينديون آھن، جنھنڪري سنڌ ۾ بدامني جو راڄ آھي.اياز لطيف پليجي چيو ته ناجائز مھانگائي جي ڪري غريب عوام لٽجي رھيو آھي۔ ڪرپٽ حڪمرانن کي صرف پئسو گھرجي. آھي عوام جي تڪليفن کان لاتعلق آھن.حڪمرانن جون معاشي پاليسيون غريب عوام کي مھانگائي ۽ ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙي رھيون آھن
”رشوت قابليت کي مات ڏئي ڇڏي“: سماج ۾ نئون بحث شروع
ڪراچي(سوشل ميڊيا) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) سخت تنقيد جي زيرِ اثر اچي وئي آهي، جتان تازو ئي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (ASI BPS-09) جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. پوليس ۾ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل عمل تي هاڻ رشوت، اقرباپروري ۽ غير قانوني طريقي سان چونڊن جا سنگين الزام لڳايا پيا وڃن، جيڪي سوشل ميڊيا تي وڏو طوفان کڻي آيا آهن، 20 مئي 2025 تي ايس پي ايس سي پاران حيدرآباد، ڪراچي، لاڙڪاڻو، ۽ ميرپورخاص رينجن لاءِ اي ايس آءِ جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، نتيجن ۾ ”لائق ۽ موزون“ اميدوارن جي فهرست ڏني وئي، پر ان سان گڏ ئي درجنين اميدوارن ۽ شهرين سوشل ميڊيا تي نتيجن کي ”بدترين ڪرپشن ۽ اقرباپروري“ قرار ڏيندي سخت احتجاج ڪيو، فيس بُڪ تي ”ميرٽ جو جنازو، پيسي جو ڪمال“ جهڙا نعره عام ٿي ويا، جتي ڪيترن ئي ماڻهن دعويٰ ڪئي ته نتيجا اصل قابليت بجاءِ سياسي اثر، پئسي ۽ رشوت جي بنياد تي ٺهرايا ويا، اي ايس آءِ ڀرتين ۾ الزام پهريون ڀيرو سامهون نه آيا آهن، اڳي به CCE-2018 ۽ CCE-2020 سميت مختلف امتحانن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ٿي چڪا آهن، جتي ايس پي ايس سي جي ميرٽ ۽ شفافيت تي سوال کنيا ويا هئا. عدالت پاران امتحاني نتيجن ۾ هٿ چراند، جعلي مارڪ شيٽن، ۽ پسند ناپسند جي بنياد تي چونڊ تي خدشا ظاهر ڪيا ويا هئا.سکر مان هڪ اميدوار، نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته مون لکڻين ۽ انٽرويو ٻنهي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري، پر فائنل لسٽ ۾ نالو نه ھيو، جڏهن ته ڪجھه اڻڄاتل، نااهل ماڻهن جا نالا شامل هئا. سڀ ڄاڻن ٿا ته ايئن ڇو پيو ٿئي، چيو پيو وڃي ته حڪمران ڌر جي بااثر وڏيرن ۽ سياسي شخصيتن جي ٻارن کي بنا ڪنهن انٽرويو جي ئي امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنو ويو، باقي بچيل سيٽون مبينا طور تي 60 لک رپين في سيٽ تي وڪرو ڪيون ويون، ڪيترن ئي اميدوارن، جن امتحان ۾ 80 سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪيا هئا ۽ انٽرويو به ڪاميابيءَ سان پاس ڪيو هو، تنهن هوندي به چونڊجڻ کان محروم رهيا، هڪ ٻي پوسٽ ۾ لکيل آهي ته نوجوان محمد ارسلان ٽيسٽ ۾ 78 مارڪون کڻي لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ چوٿين نمبر تي آيو، انٽرويو ۾ سوالن جا سئو سيڪڙو صحيح جواب ڏيڻ کانپوءِ به سليڪٽ ناهي ٿي سگهيو، اقصيٰ عزيز جمالي لکيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند ڪرڻ بجاءِ ڪرپٽ آفيسرن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ سنڌي نوجوانن جو مستقل تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي.امبرين لکيو ته سنڌ پوليس ۾ اي ايس آءِ جي ڀرتين دوران ميرٽ لتاڙجي وئي، پئسا هجن يا سفارش، نوڪري ملي، حقدار نوجوان دربدر رهيا، پوليس جهڙي ذميوار اداري ۾ ڪرپشن رڳو نوڪري نه انصاف جو قتل آهي، حڪومت خاموش ڇو آهي، راجا شوڪت لکيو ته ڪرپشن ۾ حڪمران پارٽي سڀ کان اڳتي آهي، شاهنواز خاصخيلي لکيو ته ان کان وڌيڪ گناهه ڪهڙو ٿيندو جو اوهان سماج اندر چٽاڀيٽي ختم ڪري ڇڏيو، غريب، پورهيت، مزدور، هاري ۽ عام ماڻهن جي ٻارن جو آفيسر ٿيڻ، ميڊيڪل ڊگري وٺڻ سميت سمورا رستا روڪي ڇڏيو ۽ سماج اندر نيريٽو پيدا ڪري ڇڏيو ته ڊگريون هجن يا گولڊ ميڊل اهي ڪا به اھميت نٿيون رکن، پئسن تي گٽر ڪلاس جي چرين لل نفسياتي مريض اولاد کي 17 هين گريڊ جون نوڪريون ڏئي ڇڏيو، ميڊيڪل ۾ داخلا ڏئي ڇڏيو اهي چريا لل نفسياتي مريض سنڌ جي مستقبل جي ڪهڙي پلاننگ ڪندا اها سموري سنڌ آڏو آهي، سنڌ سان ويساهه گهاتي نه ظلم ڪيو پيو وڃي، حفيظ ڦلپوٽي لکيو ته سنڌ ۾ ميانوالي سان تعلق رکندڙ 5 ڄڻا اي ايس آءِ ٿي ويا، شاعر ايوب گل لکيو ته ماڻهو 60 لک رپيا ڏئي اي ايس آءِ بڻجي ويا، اسان وٽ 60 هزار رپيا هجن ته ڀت جي ريڙهي لڳايون!سنڌ جي نوجوانن ڪرپشن تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته ”رشوت کٽي وئي، قابليت هارائي وئي“، ميرٽ نه ھي مارڪيٽ آ، ھاڻي کوٽ ناھي، ڊالي ۾ گھمائڻ لاءِ کوڙ اي ايس آءِ اچي ويا.ٻي پاسي ”ايس پي ايس سي طرفان اڃا تائين ڪو باضابطه بيان نه آيو آهي. پر ذريعن موجب، اندروني سطح تي آڊٽ جو سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن الزامن جي تصديق ٿي، ته نتيجن کي بي اثر قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ ملوث عملدارن تي نيب قانون هيٺ ڪيس داخل ٿي سگهن ٿا.