اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب سان رابطو ڪري کيس ملاقات لاءِ گهرائي ورتو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر ايوب پاران لکيل خط تي چيف جسٽس ساڻس رابطو ڪري کيس جمعي ڏينهن ملاقات لاءِ گهرايو آهي.
ذريعن موجب عمر ايوب اسلام آباد ۾ ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن مان اسلام آباد ملاقات لاءِ آيس ته واپس نه وڃي سگهندس، ڇو ته مون کي گرفتار ڪيو ويندو.
انڪار کان پوءِ چيف جسٽس پاران ٻيو آپشن پڇيو ويو، جنهن تي عمر ايوب چيف جسٽس سان پشاور ۾ ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي.
ياد رهي ته قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکي چيو هو ته موجوده عدالتي روش پاڪستان جي جمهوري نظام لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي.
هن چيف جسٽس کان ڇهن نڪتن تي ٻڌل سڌاري وارن قدمن تي ترت عملدرآمد جي اپيل ڪندي چيو هو ته 9 مئي جي ڪيسن ۾ انصاف جو قتل عام ٿي رهيو آهي، دهشتگردي جي عدالتن ۾ رات جو ٿيندڙ ڪارروائيون منصفاڻو ڪيس هلائڻ جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، جوابدارن کي دفاع جي وڪيل جي حق کان محروم رکڻ آئيني ڀڃڪڙي آهي.
عمر ايوب چيو هو ته ميڊيا کي ڪيسن تائين پهچ نه ڏيڻ شفافيت جي گهرجن جي لتاڙ آهي، عدليا جو ڪم ظلم جو اوزار بڻجڻ نه پر انصاف جي بحالي آهي، پوليس ۽ پراسيڪيوشن جي بي ضابطگين جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي.
You might also like