ٽِڪ ٽاڪ طرفان ڪيئي نون فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جن ۾ ننڍي عمر وارن واهپيدارن جي تحفظ لاءِ فيچرز، ڪريئيٽرز لاءِ ٽولز، ۽ انٽريئڪٽو ويل بينگ فيچر شامل آهن.
ننڍي عمر وارن صارفين جي تحفظ لاءِ نون فيچرز کي فيملي پيئرنگ ٽول جو حصو بڻايو پيو وڃي.
ياد رهي ته ٽڪ ٽاڪ جو فيملي پيئرنگ ٽول اڳ ئي دستياب آهي، جنهن جي مدد سان والدين نوجوانن جي اسڪرين ٽائيم کي محدود ڪري سگهن ٿا ۽ مخصوص مواد کي بلاڪ ڪري سگهن ٿا.
هاڻي ٽڪ ٽاڪ انهيءَ ٽول ۾ وڌيڪ فيچرز شامل ڪري رهي آهي، جنهن جي ذريعي والدين پنهنجا اڪائونٽس سڌو سنئون ٻارن جي اڪائونٽن سان جوڙي سگهن ٿا.
والدين هاڻي پنهنجن ٻارن جي اڪائونٽ تي مخصوص اڪائونٽس کي بلاڪ ڪري سگهندا.
اهڙا بلاڪ ٿيل اڪائونٽس نه ته ٻارن سان رابطو ڪري سگهندا، نه ئي سندن مواد ٻارن جي فيڊ تي نظر ايندو.
جڏهن ٻار ڪا پبلڪ وڊيو، اسٽوري يا تصوير اپلوڊ ڪندو ته والدين کي نوٽيفڪيشن به ملي ويندو.
ٽڪ ٽاڪ جو چوڻ آهي ته هن فيچر ذريعي والدين کي پنهنجي ٻارن جي سوشل ميڊيا سرگرمين بابت ڄاڻ حاصل ٿيندي.
والدين کي هاڻي پرائيويسي سيٽنگز تائين وڌيڪ رسائي حاصل هوندي، جنهن سان هو ڏسي سگهندا ته سندن ٻارن (16 يا 17 سال عمر وارن) پنهنجن مواد لاءِ ڊائون لوڊ آپشن کي آن ڪيو آهي يا نه، يا سندن فالوونگ لسٽ ٻيا ڏسي سگهن ٿا يا نه.
ٽڪ ٽاڪ طرفان ڪريئيٽر ڪيئر موڊ نالي هڪ نئون فيچر به متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن ۾ اهڙا تبصرا پاڻمرادو فلٽر ٿيندا، جيڪي سسٽم گاريون، نامناسب يا خراب سمجهي.
اهڙن واهپيدارن جا ڪمنٽس به فلٽر ٿيندا، جن جا تبصرا اڳ ۾ رپورٽ، ڊس لائڪ يا ڊيليٽ ٿيا هوندا.
هن فيچر لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس (اَي آءِ) کي استعمال ڪيو ويندو.
ٽڪ ٽاڪ لائيو لاءِ هڪ نئون ڪمينٽ ٽول به متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن تحت تخليقڪار مخصوص لفظن کي مڪمل طور بلاڪ ڪري سگهندا.
هڪ نئون فيچر ”ڪريئيٽر ان باڪس“ جو به آهي، جنهن ذريعي پيغامن جو انتظام ڪرڻ سولو بڻجي ويندو، ان باڪس ۾ ”ان ريڊ“ ۽ ”اسٽارڊ“فولڊر موجود هوندا.
ٽڪ ٽاڪ طرفان ”ڪريئيٽر چيٽ روم“ پڻ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جتي تخليقڪار پنهنجن فالوورز سان خاص مواد شيئر ڪري سگهندا.
اهو فيچر انسٽاگرام جي براڊڪاسٽ چينلز جهڙو هوندو، جيڪو رڳو اهڙن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو، جن جا گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار فالوورز هوندا.
ڪريئيٽرز کي ”ڪانٽينٽ چيڪ لائيٽ“ نالي فيچر تائين به پهچ ڏني پئي وڃي، جنهن سان هو ڏسي سگهندا ته سندن مواد ”فار يو فيڊ“ تي ظاهر ٿيڻ جوڳو آهي يا نه.
ٽڪ ٽاڪ طرفان ”ويل بينگ مشنز“ نالي هڪ ٻيو فيچر به متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن ۾ مختصر ڪوئز ۽ فليش ڪارڊز جي ذريعي ماڻهن جو لاڙو متوازن ڊجيٽل عادتن ڏانهن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.