انگلينڊ کي وڏو ڌڪ، ڪپتان بين اسٽوڪس ڀارت خلاف اوول ٽيسٽ مان ٻاهر

لنڊن( ويب ڊيسڪ) ڀارت خلاف اينڊريسن-ٽنڊولڪر ٽرافي جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ کان اڳ انگلينڊ کي وڏو جهٽڪو لڳي ويو آهي، جتي ڪپتان بين اسٽوڪس زخمي هجڻ سبب آخري ميچ ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو، جڏهن ته جوفرا آرچر کي ورڪ لوڊ مئنيجمينٽ تحت نه کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان خميس کان اوول ۾ شروع ٿيندڙ پنجين ٽيسٽ لاءِ انگلش پليئنگ اليون جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪپتان بين اسٽوڪس جي غير موجودگيءَ ۾ نوجوان بيٽر اولي پوپ ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته آرچر سان گڏوگڏ ليام ڊائوسن ۽ برائيڊن ڪارس کي به آرام ڏنو ويو آهي.
ڀارت خلاف آخري ٽيسٽ لاءِ اعلانيل پليئنگ اليون ۾ اولي پوپ (ڪپتان)، بين ڊڪيٽ، زيڪ ڪراولي، جوءِ روٽ، هيري بروڪ، جيڪب بيٿل، جيمي سمٿ (وڪيٽ ڪيپر)، ڪرس ووڪس، گس ايٽڪنسن، جيمي اورٽن ۽ جوش ٽنگ شامل آهن.
واضح رهي ته پنج ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ انگلينڊ کي 1-2 جي سرسي حاصل آهي.
سيريز جي پهرين ميچ ۾ انگلينڊ پنجن وڪيٽن تان ڪاميابي ماڻي هئي، ٻي ميچ ۾ ڀارت 336 رنسن تان کٽي شاندار واپسي ڪئي هئي، ٽِين ميچ ۾ انگلينڊ سخت مقابلي بعد ڀارت کي 20 رنسن تان شڪست ڏني هئي، جڏهن ته چوٿين ٽيسٽ بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.