ڀارت کان جنگ کٽڻ تي دنيا اڄ تائين حيران ۽ پاڪستان جي تعريف ڪري رهي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته الله پاڪ فوج کي عزت ڏني، سڄي دنيا ڀارت کان جنگ کٽڻ تي اڄ تائين دنگ آهي ۽ پاڪستان جي تعريف ڪري رهي آهي.
اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف قربانيون ڏئي رهيون آهن، الله پاڪ فوج کي عزت ڏني، اسان ڀارت کان جنگ کٽي، فيلڊ مارشل فرنٽ لائن کان جنگ کي ليڊ ڪيو، دنيا اڄ تائين ڀارت کان جنگ کٽڻ تي دنگ آهي ۽ پاڪستان جي تعريف ڪري رهي آهي.
هن چيو ته غزا ۾ جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي، اهڙو اڄ تائين ناهي ڏٺو، ٻار بک وگهي مري رهيا آهن، اين ڊي ايم اي چيئرمين کي چئي فلسطينين لاءِ خوراڪ موڪلي آهي، پاڪستان فلسطين سان گڏ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.