ايشيا ڪپ ۾ پاڪ- ڀارت مقابلي بابت مودي حڪومت جو موقف سامهون اچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان خلاف مقابلي بابت پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، حڪومت جو چوڻ آهي ته پاڪستان خلاف کيڏڻ جو فيصلو ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جو اختيار آهي.
ذريعن موجب، ڀارتي راندين واري وزارت ايشيا ڪپ سان لاڳاپيل سمورن فيصلن جي ذميواري ڪرڪيٽ بورڊ تي وجهي ڇڏي آهي.
ڀارتي راندين وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته في الحال بي سي سي آءِ وزارت جي ماتحت ناهي، ڇو ته تجويز ڪيل نيشنل اسپورٽس گورننس بل اڃا تائين منظور نه ٿيو آهي.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل اسپورٽس بل ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي به شامل ڪيو ويو آهي ۽ بل جي تحت وزارت کي اختيار حاصل هوندو ته اها غيرمعمولي حالتن ۾ ڀارتي ٽيم يا رانديگرن کي عالمي ايونٽن ۾ شرڪت کان روڪي سگهي.
ياد رهي ته ڇنڇر ڏينهن ايشيا ڪپ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو هو، جنهن تحت پاڪستان، ڀارت، گڏيل عرب امارات (يو اي اي) ۽ عمان گروپ اَي ۾ شامل آهن، جڏهن ته بنگلاديش، سري لنڪا، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ گروپ بي ۾ رکيو ويو آهي.
ايشيا ڪپ 9 سيپٽمبر کان گڏيل عرب امارتن ۾ شروع ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پهريون گروپ ميچ 14 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي.
شيڊيول جي اعلان کانپوءِ ڀارتي ميڊيا طرفان حڪومت ۽ ڪرڪيٽ بورڊ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو ۽ ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز وانگر ايشيا ڪپ ۾ به پاڪستان خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.
ان کانسواءِ ڪيئي اڳوڻن ڀارتي رانديگرن به پاڪستان خلاف کيڏڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.