حج پاليسي 2026 منظور، سرڪاري حج ڪيتري جو هوندو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2026 جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حج پاليسي 2026 جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا حج لاءِ سرڪاري ڪوٽا 70 سيڪڙو ۽ پرائيويٽ ڪوٽا 30 سيڪڙو ڪري ڇڏي، 2026 ۾ سرڪاري حج ساڍا 11 لک کان ساڍا 12 لک تائين هوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري ڪوٽا 60 سيڪڙو ۽ پرائيويٽ 40 سيڪڙو ڪرڻ جي سمري موڪلي هئي پر وزيراعظم سرڪاري ڪوٽا 70 سيڪڙو ۽ پرائيويٽ 30 سيڪڙو ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.