پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته فوج، پوليس ۽ اسان کي گڏجي امن قائم ڪرڻو آهي، دهشتگردن کي ڪنهن به صورت آبادين ۾ لڪڻ نه ڏينداسين.
پنهنجي وڊيو بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته بدقسمتي سان ضم ٿيل ضلعن ۾ امن قائم نه پيو ٿئي، ترقي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ دهشتگردي آهي، فوج، پوليس ۽ اسان کي گڏجي امن قائم ڪرڻو آهي، عوام، حڪومت ۽ فورسز ۾ سازش تحت عدم اعتماد پيدا ڪيو پيو وڃي، عوام حڪومت ۽ ادارن جو ساٿ ڏئي ته اها سازش وائکي ٿئي.
هن چيو ته دهشتگردن سان گڏ سهولتڪارن جو به خاتمو ڪرڻو آهي، دهشتگرد آبادين ۾ پناهه وٺي رهيا آهن ته جيئن انهن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي، دهشتگرد آبادين کي ڍال بڻائي پنهنجا ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا پر دهشتگردن کي آبادين ۾ ڪنهن به صورت ۾ لڪڻ نه ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته پوليس ۽ فورسز تي حملا ڪندڙن کي ڀرپور جواب ڏينداسين، هتي ڪنهن کي آپريشن ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏيون، لڏپلاڻ ۽ آپريشن سان نقصانن جو ازالو تمام ڏکيو ٿيندو آهي.
علي امين گنڊاپور چيو ته جرڳا ڪري سمورا خدشا ختم ڪنداسين، جرڳن ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت پاليسي جوڙينداسين.
You might also like