ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ: ڀارت جي اڀيشيڪ شرما آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ کان پهرين پوزيشن کسي ورتي

دبئي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن تحت ڀارتي بيٽر اڀيشيڪ شرما نمبر ون پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي پليئرز رينڪنگ موجب، ڀارتي اوپنر اڀيشيڪ شرما آسٽريلوي بيٽر ٽرويس هيڊ کان پهرين پوزيشن کسي ورتي آهي.
ڪينگرو بيٽر هڪ درجو وڃائڻ کانپوءِ ٻئي نمبر تي هليو ويو آهي، سندس هم وطن جوش اينگلس ڇهه درجا ترقي ماڻيندي نائين پوزيشن تي اچي ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻو پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم وڌيڪ هڪ درجو تنزلي بعد 14 هين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽي ٽوئنٽي بالرن جي رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي جيڪب ڊِفي جي نمبر هڪ پوزيشن برقرار آهي، آسٽريليا جي نيٿن ايلس ست درجا بهتري کانپوءِ نائين، نيوزيلينڊ جو ميٽ هينري 10 درجا ترقيءَ ڪندي 19 هين پوزيشڻ تي اچي ويا آهن.
آل رائونڊرن جي رينڪنگ ۾ ڀارت جي هاردِڪ پانڊيا جي پهرين پوزيشن برقرار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.