لاهور(م ڊ) لاهور پوليس حق دو بلوچستان لانگ مارچ کي اسلام آباد روانو ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. هي لانگ مارچ مولانا هدايت الرحمان جي اڳواڻي ۾ بلوچستان جي حقن لاءِ شروع ڪيو ويو هو، جيڪو جماعت اسلامي جي ميزبانيءَ هيٺ منصوره، لاهور ۾ رڪيل هو. صبح، پوليس جي وڏي نفري جماعت اسلامي جي مرڪزي آفيس منصوره ٻاهران موجود رهي ۽ لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي اسلام آباد روانگي کان روڪيو. پوليس جي روڪ باوجود شرڪت ڪندڙ اسلام آباد وڃڻ لاءِ پرعزم آهن.پنجاب حڪومت طرفان سينيئر وزير مريم اورنگزيب هڪ سرڪاري وفد سان گڏ منصوره پهتي، جتي جماعت اسلامي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي وئي. ان دوران جماعت جي اڳواڻن جي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي. پر ڪوششون نتيجا نه ڏئي سگهيون، ۽ جماعت اسلامي لانگ مارچ جاري رکڻ تي بضد آهي.