عالمي سياست ۾ هڪ نئون باب کلڻ وارو آهي، جتي يورپي ملڪن طرفان فلسطين جي آزاد رياست طور تسليم ڪرڻ جا قدم تيز ٿين پيا. تازو فرانس ۽ ڪينيڊا پاران فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ٿيو آهي جڏهن ته برطانيا پاران اهڙي امڪاني فيصلي جو اشارو پڻ ڏنو ويو آهي، عالمي سطح تي هڪ اهم ۽ تاريخي تبديليءَ جو اشارو ڏئي ٿو. هي قدم نه صرف فلسطين جي عوام لاءِ اميد جي ڪِرڻ آهي، پر ان خطي ۾ منصفاڻي امن جي قيام لاءِ به نئين رستي جي شروعات سمجهيو پيو وڃي.
فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪران جو اعلان ته هو فلسطين کي رياست طور تسليم ڪندو، عالمي ميڊيا لاءِ به اهم خبر بڻجي وئي آهي. سندس اهو به چوڻ ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ سيپٽمبر ۾ باضابطا اعلان ڪندو، ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته اهو فيصلو جذباتي نه پر حڪمت عمليءَ تي ٻڌل آهي. سندس محمود عباس ڏانهن لکيل خط، جنهن ۾ جنگبندي، يرغمالين جي آزادي، ۽ غزا لاءِ امداد تي زور ڏنو ويو آهي، فرانس جي سنجيده سفارتي رويي جو اظهار آهي. هن واضح طور چيو آهي ته فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ، صرف هڪ علامتي قدم نه پر امن لاءِ هڪ ذميوار اڳڀرائي آهي.
ان اعلان تي عالمي ردعمل ورهايل رهيو. سعودي عرب، اسپين ۽ حماس طرفان ان قدم جي آجيان ڪئي وئي آهي. سعودي عرب ان کي عالمي قانون ۽ اقوام متحده جي قرادادن جي روشنيءَ ۾ اهم قدم قرار ڏنو آهي. حماس، جيڪا اڳوڻي طور تي ڪيترن ملڪن جي نظر ۾ تڪراري رهي آهي، به ان فيصلي کي فلسطيني عوام جي خود اراديت جي حمايت سڏيو. اسپين جي وزيراعظم پيدرو سانچيز به چيو ته ٻه رياستي حل ئي واحد رستو آهي، جنهن لاءِ فرانس جو قدم نيڪ فعال آهي.
برطانيا طرفان اڃا تائين حتمي اعلان ته ناهي ڪيو، پر وزير پيٽر ڪائل پاران ان بابت گفتگو ۽ خاص طور تي 125 برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جو گڏيل خط، صاف ظاهر ڪري ٿو ته برطانيا تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. خط ۾ صاف طور چيو ويو ته فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ سان برطانيا پنهنجي تاريخي ذميواريون پوريون ڪندو. اهو پڻ واضح آهي ته برطانيا جهڙو ملڪ، جيڪو تاريخي طور وچ اوڀر ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، ان جو اهڙو فيصلو نئون باب کوليندو.
ڪينيڊا به فلسطين جي رياستي حيثيت جي حمايت لاءِ پنهنجون سفارتي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. وزيراعظم مارڪ ڪارني جو چوڻ آهي ته هو گڏيل قومن جي ايندڙ ڪانفرنس ۾ ٻه رياستي حل لاءِ ڀرپور موقف اختيار ڪندا. اهو قدم به واضح ڪري ٿو ته هاڻي يورپ ۽ اتر آمريڪا جي سياسي سوچ ۾ تبديلي اچي رهي آهي.ٻئي طرف، آمريڪا ۽ اسرائيل جي سخت ردعمل مان واضح آهي ته اهي ملڪ اڃا تائين فلسطين جي رياستي حيثيت بابت پرانا موقف برقرار رکڻ چاهين ٿا. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو فرانس جي فيصلي کي ”غير ذميواراڻو“ سڏيندي چيو ته اهو حماس کي فائدو ڏيندو. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ته ان کي ”دهشتگرديءَ تي انعام“ قرار ڏنو. انهن بيانن مان صاف ظاهر آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا کي خدشو آهي ته اهڙو قدم سندن حڪمت عمليءَ کي چئلينج ڏئي سگهي ٿو.
بي بي سي جي تجزئي نگار لائيس ڊوسيٽ مطابق، فرانس جو اهو قدم غزا جي خطرناڪ صورتحال کان متاثر ٿيو آهي، ۽ عالمي طاقتن جي خاموشيءَ تي مايوسيءَ جو اظهار به ان ۾ شامل آهي. هوءَ اهو به چوي ٿي ته ”وقت ئي سڀ ڪجهه آهي“ ۽ لڳي ٿو ته هاڻي يورپ اهو وقت مناسب سمجهي قدم کڻي رهيو آهي.اسرائيلي پارليامينٽ پاران غزه ۽ ويسٽ بينڪ تي قبضي جو ٺهراءُ، عالمي امن لاءِ هڪ خطرناڪ وک آهي. هي قدم نه رڳو گڏيل قومن جي قراردادن جي ڀڃڪڙي آهي، پر 2 رياستي حل جي امڪان کي به ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. سعودي عرب، مصر، ترڪيه، قطر سميت ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جي مذمت واضع ڪري ٿي ته اسرائيل هاڻ حدون لتاڙي چڪو آهي. هن قبضي جي سوچ وچ اوڀر ۾ اڳ ئي ڀڙڪيل باهه کي وڌيڪ ڀڙڪائيندي. عالمي برادري کي هاڻ صرف مذمت نه، پر عملي قدم کڻڻا پوندا ته جيئن انصاف ۽ امن جي راهه بحال ٿي سگهي.
هاڻ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ٻيا اهم ملڪ خاص طور جرمني، بيلجيم، آسٽريليا، يا جاپان به اهڙي جرئت جو مظاهرو ڪندا؟ بيلجيم طرفان به ايندڙ مهيني اهڙي امڪاني فيصلي جو ذڪر ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن اهو سلسلو وڌندو رهيو ته جلد ئي فلسطين کي عالمي سطح تي مڪمل حيثيت حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪا نه صرف فلسطيني عوام لاءِ انصاف جي واٽ هموار ڪندي، پر وچ اوڀر ۾ هڪ مستحڪم سياسي حل لاءِ به نئين راهه کوليندي.