اسٽيبلشمينٽ اسان سان وڏيون زيادتيون ڪيون، خبر آ ته ملڪ ڪير هلائي رهيو آهي: جونيئر ذوالفقار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي جونيئر ذوالفقار چيو آهي ته مون کي اسٽيبلشمينٽ جي ڪا به حمايت حاصل ناهي، مان پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، منهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو اچي رهي آهي، اسان گڏجي پارٽي جو اعلان ڪنداسين.
ڪراچي جي پنهنجي رهائشگاهه 70 ڪلفٽن تي پريس ڪانفرنس ڪندي جونيئر ذوالفقار چيو ته پيپلز پارٽي هاءِ جيڪ ٿي چڪي آهي، اسان زرداري ليگ کي رد ڪريون ٿا، هيءَ اها پيپلز پارٽي ناهي، جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مير مرتضى ڀٽو جي هئي، اسان پيپلز پارٽي سان گڏجي ڪڏهن به ڪم نه ڪنداسين.
هن چيو ته عوام ڏکيائين ۾ آهي، لياري ۾ تقريبن 150 عمارتون سيل ڪيون ويون آهن، مان بغدادي سانحي جي متاثرن لاءِ هتي موجود آهيان ۽ انهن لاءِ مطالبو پيو ڪريان، پيپلز پارٽي جي صوبائي سرڪار کي گهرجي ته انهن کي گهر فراهم ڪري، هي ماڻهو خيرات نه پر پنهنجو حق گهرن ٿا.
سندس چوڻ هو ته اسان پارٽي جي نالي تي ويچار ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن موقعو مليو ته لياري مان ئي اليڪشن وڙهندس، لياري وارن پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو پر اڄ لياري جي حالت ڏسو، جيڪڏهن توهان شاهراهه ڀٽو ٺاهي سگهو ٿا ته پوءِ لياري وارن کي گهر ڇو نٿا ڏئي سگهو؟
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته مون کي اسٽيبلشمينٽ جي ڪا به سپورٽ ناهي، هنن اسان جي خاندان سان گهڻيون زيادتون ڪيون آهن، اهو ڪوڙ آهي ته مون کي اسٽيبلشمينٽ جو سهارو حاصل آهي، مان پاڻ پنهنجي جاءِ ٺاهي رهيو آهيان، منهنجي ڀيڻ فاطمه ڀٽو به گڏ آهي، اسان گڏجي پارٽي جو اعلان ڪنداسين. اسان جي نوجوان ونگ به اسان سان گڏ هوندي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي جو برابري وارو نظريو اسان واپس آڻي رهيا آهيون، اسان عوامي ترقي واپس آڻي رهيا آهيون پر اهڙي ترقي نه جيڪا پيپلز پارٽي شاهراهه ڀٽو جي صورت ۾ ڏيکاري آهي، پاڪستان ۾ هڪ نه ڪيترائي لياري آهن، اسان ملڪ جي هر صوبي جو دورو ڪنداسين.
جونيئر ذوالفقار چيو ته هر وڏيرو هڪ جهڙو ناهي، مان پاڻ به هڪ وڏيرو آهيان پر توهان جي سامهون بيٺل آهيان، اسان موجوده اپوزيشن سان گڏ آهيون، آئين جو تحفظ ڪرڻو آهي، آئين کي اصلي شڪل ۾ بحال ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته مان وطن پرست ۽ سنڌ پرست آهيان، ملڪ اندر خودمختياري هجڻ گهرجي، غزا به هڪ اهم پرڏيهي پاليسي جو معاملو آهي، ٻه رياستون نه فقط فلسطين نالي هڪ ئي ملڪ هجڻ گهرجي، اسان شهيد ذوالفقار ڀٽو ۽ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي فلسفي کان ڌار ناهيون، بلوچستان ۾ ٿيندڙ ظلمن جي مذمت ڪريون ٿا، گلگت بلتستان ۾ به سياسي قيدي موجود آهن.
سندس چوڻ هو اسان کي خبر آهي ته ملڪ ڪير هلائي رهيو آهي، نوجوانن جي طاقت سان اسان نظام کي تبديل ڪري سگهون ٿا، زرداري ليگ ۾ سوچ کان به وڌيڪ ڪرپشن ٿي رهي آهي.
هن چيو ته اسان اردو ڳالهائيندڙن سان به ملاقاتون ڪيون آهن، اهي به هن ملڪ جو حصو آهن، اسان نظام جا مخالف آهيون ڪنهن پارٽي جا نه، مان سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن ناهيان، ن ليگ ۽ زرداري ليگ اميرن جي سياست ڪري رهيا آهن غريبن جي نه.
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هنن مير مرتضيٰ ڀٽو جي رستي ۾ به رنڊڪون وڌيون، جيڪڏهن صورتحال ائين ئي رهي ته پيپلز پارٽي جو مستقبل ڪجهه به نه هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.