آسٽريليا جا ويسٽ انڊيز کي ٽانڊا، ٽيسٽ بعد ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ

بيسٽر (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا، ويسٽ انڊيز کي ٽيسٽ سيريز بعد پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ به وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
آسٽريليا پنجين ۽ آخري ميچ ۾ ويسٽ انڊيز کي ٽن وڪيٽن تان هارائي سيريز 0-5 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ويسٽ انڊين ٽيم پهريان ڪندي 20 هين اوور ۾ 170 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ميچ ۾ شيمرون هٽمائر 52 ۽ شرفين ردرفورڊ 35 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا 171 رنسن جو هدف 17 هين اوور ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، آسٽريليا طرفان ڪئمرون گرين 32، ميچل اوون 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

ان کانسواءِ ايرون هارڊي 28 جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
ويسٽ انڊيز جي عقيل حسين ٽي وڪيٽون ورتيون.
آسٽريليا جي بين ڊاروِيش کي پليئر آف دي ميچ ۽ ڪئمرون گرين کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.