پنجاب اسيمبلي اپوزيشن ميمبر حڪومتي ايم پي اي کي چماٽ وهائي ڪڍي

لاهور(بيورو) پنجاب اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر جي ميمبر حڪومتي ميمبر کي چماٽ وهائي ڪڍي، اجلاس دوران حڪومتي ميمبر احسان رياض ۽ مخالف ڌر جي ميمبر خالد زبير نثار جي وچ ۾ هٿا پائي ٿي، ٻنهي ميمبرن جي هڪ ٻئي تي ڏند چڪ کان پوءِ صورتحال هٿا پائي تائين وڃي پهتي، مخالف ڌر جي ميمبر خالد نثار ڊوگر حڪومتي ميمبر حسان رياض تي حملو ڪري چماٽ هنئي، وقتي اسپيڪر ميمبرن جي هٿا پائي سبب اجلاس پنج منٽن لاءِ ملتوي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.