ڪراچي (پ ر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز جي سنڌ ڪاميٽي جي پهرئين اجلاس ۾ سنڌ ۾ سرڪاري اشتهارن جا تفصيل ويب سائيٽ تي نه ڏيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته سنڌ ۾ سرڪاري ويب سائيٽ تي اشتهارن جا تفصيل جاري نٿا ڪيا وڃن،جنهن سان شفافيت جو عمل متاثر ٿئي ٿو، سنڌ ۽ وفاقي حڪومت اشتهارن جو نظام منصفاڻو ۽ شفاف بڻائڻ کان نٽائي رهيون آهن،هن سي پي اين اي جي هر ڀيري جي مطالبي کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو وڃي ٿو،بيان ۾ چيو ويو ته هائبرڊ نظام حڪومت عوام کان حاصل ٿيل آزاديون کسي ورتيون آهن، اخبارون دليريءَ سان مواد شايع نه ٿيون ڪري سگهن، صحافين کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، نوٽيس جاري ڪيا وڃن ٿا ۽ اشتهار کي هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.جڏهن ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومتون اشتهاري نظام کي منصفاڻي ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ سنجيدگي نه ڏيکاري رهيون آهن،اشتهار اخبارن جي شهه رڳ آهن، جن کي صحافتي آزادي تي بندش لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو،بيان ۾ خبردار ڪيو ويو ته جيڪڏهن صحافتي آزادي نه رهي ته ميڊيا به نه رهندي،ملڪ ۾ صحافتي آزادي جي خراب صورتحال جي باوجود سي پي اين اي ئي هڪ اهڙو ادارو آهي، جيڪو واضع طور تي پنهنجي آئيني موقف جو اظهار ڪري ٿو. جڏهن ته سنڌ جي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ سان سي پي اين اي جي وفد جي ملاقات بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني،وڌيڪ چيو ويو ته اسان جي روزي روٽي صحافت سان جڙي آهي، ۽ سماج مان برداشت ۽ رواداري ختم ٿي وئي آهي،جيڪڏهن صحافي صحافت نٿا ڪري سگهن ته سياستدان به جمهوري قدرن کي وساري ويٺا آهن پريس ڪائونسل آف پاڪستان اخبارن تي ليوي لاڳو ڪئي آهي، جنهن جي ادائيگي سان ڇپائي مشروط ڪئي وئي آهي، اهو مسئلو سي پي اين اي کي حڪمت سان حل ڪرڻو پوندو ،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميڊيا بابت حڪومت پاران ڪيل ڪنهن به قانون سازي کان اڳ اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشورا ضروري قرار ڏنا وڃن، جڏهن ته روزاني عبرت جي ڪراچي ۾ بيورو آفيس سان پيش آيل اڻوڻندڙ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي،وڌيڪ چيو ويو ته روزاني عبرت گذريل 68 سالن کان اعتدال پسند پاليسي اختيار ڪئي آهي، ان جي باوجود اهڙو واقعو پيش آيو، جيڪو اڃا تائين هڪ ڳجهارت بڻيل آهي، ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به سرڪاري عملدار ان جي مذمت نه ڪئي، ۽ نه ئي لاڳاپيل وزيرن ان بابت معلومات وٺڻ جي زحمت ڪئي. اسان کي اميد آهي ته قاضي اسد عابد جي قيادت ۾ سنڌ ڪاميٽي صحافتي آزادي جي صورتحال ۽ ميمبر اشاعتن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪندي، ۽ اسان يقين ڏياريون ٿا ته سي پي اين اي سيڪريٽريٽ انهن کي پوري مدد فراهم ڪندو. هن اجلاس ۾ سنڌ ڪاميٽي جي چيئرمين قاضي اسد عابد، سيڪريٽري جنرل غلام نبي چانڊيو، فنانس سيڪريٽري حامد حسين عابدي، جوائنٽ سيڪريٽري منزہ سهام، ڊپٽي چيئرمين عامر محمود، سينيئر ميمبر اعجاز الحق، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، مقصود يوسفي، شير محمد کهاوڙ، عبدالسميع مڱريو، محمود عالم خالد، علي حمزه افغان، حسن عباس، مدثر عالم، ميان فضل اللهي، سيد مدثر، عبدالرسول سومرو، اياز ميمڻ، سليم شيخ، علي بن يونس، محمد سعيد شاه، دانش چنا، شاهده ساٽي، وحيد ميمڻ، نصرالله تنيو، سلمان قريشي، قاسم سومرو، رحمان سڪندر ملڪ ۽ عمران ڪورائي شرڪت ڪئي.