سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي واري مقرري ۾ عدالتي سفارشون نظرانداز

ڪراچي (عوامي آواز انويسٽيگيشن رپورٽ )  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي بابت وڏي وزير جي معائني ٽيم ( سي ايم آءِ ٽي ) جي 45 صفحن تي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، اها رپورٽ چيف سيڪريٽري جي ذريعي سنڌ جي وڏي وزير ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آھي، ڄاڻايل  رپورٽ کي ڳجهو رکيو ويو، رپورٽ ۾ 11 نڪاتي سفارشون ۽ تجويزون پيش ٿيون آهن،  سپريم ڪورٽ پاران هينئر تائين ان رپورٽ تي ڪو حڪم نامو جاري نه ٿيو آهي جڏهن ته معائني ٽيم ( سي ايم آءِ ٽي )سفارش ڪئي آهي ته ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي جي مقرري سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشنيءَ ۾ ٿيڻ گهرجي ڊائريڪٽر جنرل  جي مقرري سليڪشن بورڊ يا سليڪشن ڪميٽي جي سفارش تي ٿيڻ کپي ڪيترائي ڀيرا هن پوسٽ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار نه ڏنا ويا پر  مقابلي جو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو  ۽ ميرٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. ڀرتيءَ جو عمل شفاف ۽ منصفاڻو نه رهيو ايس بي سي اي جي انتظاميا غيرقانوني ۽ غيرمجاز اڏاوتن تي پنهنجن آفيسرن ۽ ملازمن جي ذميواري وٺڻ کان پاسو ڪري رهي آهي. ايتري تائين جو عدالتي حڪمن باوجود، غيرقانوني اڏاوتن ۾ ملوث آفيسرن ۽ ملازمن خلاف معمولي ڪارروائي ڪئي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪندي ايس بي سي اي جي آفيسرن، ملازمن ۽ بلڊرن خلاف ڪجهه ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون هيون ان وقت جي ڊائريڪٽر جنرل  ايس بي سي اي جي ذميواري هئي ته هو ايس بي سي اي جي 78 آفيسرن خلاف ڪارروائي لاءِ وڏي وزير جي معائنو ٽيم يا مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي رپورٽ موڪلي ها. ايس بي سي اي ملازمن جي مجاز اٿارٽي ڊي جي آهي. ڊي جي کي گهرجي ته جلد سٺي شهرت رکندڙ ٽيڪنيڪل آفيسرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي ٺاهي. اها ٽيڪنيڪل ڪميٽي ايس بي سي اي جون انڪوائريون جلد پوري ڪري ها، غيرقانوني تعميرن بابت التوا ۾ پيل انڪوائريز کي فوري طور ختم ڪري ها. تعمير مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائي غيرقانوني تعميرات جو پتو لڳائي سگهون ها انڪوائرين جي التويٰ مان ڊي جي انهن آفيسرن کي فائدو ڏنو جيڪي غيرقانوني تعميرن ۾ ملوث هئا. اها حقيقت آهي ته اهڙن آفيسرن کي ڄاڻي واڻي فائدو ڏنو ويو، جيتوڻيڪ انهن ۾ اهڙا آفيسر به شامل آهن جيڪي ڪيترا ئي ڀيرا معطل ٿي چڪا آهن ۽ جن خلاف انڪوائريون هلن پيون آهن. انهن آفيسرن کي انعام طور وڏين عهدن تي فائز ڪيو ويو آهي ۽ اهم ذميواريون سونپيون ويون آهن. اهڙن ملازمن کي فوري طور نوڪري مان فارغ ڪرڻ گهرجي، پر ان جي ابتڙ اهي اعليٰ عهدن تي ويٺل آهن ڊائريڪٽر جنرل جي پوسٽ هڪ ڪيڊر پوسٽ آهي جنهن تي پي سي ايس، ايڪس پي سي ايس يا پي اي ايس آفيسرن کي مقرر ڪيو ويندو آهي. بلديات کاتي وڏي وزير جي منظوري سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته هڪ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل  جي مقرري ڪئي وڃي، جنهن جي گريڊ 17 کان مٿي تائين گهٽ ۾ گهٽ 17 سال سروس هجڻ لازمي آهي. پر اڃا تائين انجنيئر يا آرڪيٽيڪٽ پس منظر مان ڪو به آفيسر نه آيو آهي جنهن کي ايڊيشنل ڊي جي مقرر ڪيو وڃي ايس بي سي اي کي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل وٽ رجسٽر ٿيڻ گهرجي، جتي آرڪيٽيڪٽ ۽ ٽائون پلانر کي به رجسٽر ڪيو وڃي. ڊي جي جي پوسٽ ڪيڊر آهي ۽ ڊي جي ٽيڪنيڪل جي پوسٽ ايس بي سي اي مان ٿيڻ گهرجي. وڏي وزير کي اختيار آهي ته هو قانون جاري ڪري ۽ انهن تي عمل ڪرائي. ڊي جي جي مقرري باقاعده جاچ پڙتال کان پوءِ هڪ طئي ٿيل مدي لاءِ ٿيڻ گهرجي، آفيسر جو سروس رڪارڊ پڻ ڏسڻ گهرجي ڪنهن به آفيسر کي سٺو ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏيڻ لازمي آهي ته جيئن هو ادارو ۽ ان جي نظام کي سمجهي سگهي، مسئلا سڃاڻي ۽ انهن جو حل به تيار ڪري سگهي. هر سرڪاري عهدي سميت ڊي جي ايس بي سي اي لاءِ هڪ مقرر مدو هئڻ گهرجي. اهڙو آفيسر ملازمن جي ڪارڪردگي مانيٽر ڪري ۽ هر پندرهن ڏينهن ۾ ان جو جائزو وٺي. انتظامي خود احتسابي جي گهر آهي ته سرڪاري ملازمن جون پنهنجون ذميواريون بهترين صلاحيت سان نڀائڻ هڪ خوداحتسابي نظام جوڙيو وڃي جنهن سان بهتر ڪارڪردگي کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ خراب ڪارڪردگي تي ڪارروائي ڪري سگهجي. سٺي ڪارڪردگي ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن کي پروموشن، بونس يا عوامي سطح تي ساراهيو وڃي ته جيئن ٻين لاءِ مثال بڻجي. خراب ڪارڪردگي تي صرف معطلي يا پوسٽنگ نه، پر ٻين قسمن جا ڏنڊ لاڳو ڪيا وڃن ايس بي سي اي زباني ۽ تحرير طور چوندڙ هوندي به ملازمن کي اثاثا ظاهر ڪرڻ جا فارم فراهم نه ڪيا. حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ملازمن کي اثاثن جا فارم ڏنا ئي نه ويا. جيڪي ملازم اثاثا ظاهر نه ڪن، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. انهن کان آمدني جا ذريعا پڇڻ ضروري آهن. اثاثن بابت تفصيل نه وٺڻ جو مطلب آهي ته ڪرپشن لاءِ رستو کليل آهي. اثاثن تي نگراني جو نظام به موجود ناهي. پوسٽنگ جو طريقيڪار طئي ڪيو وڃي ۽ هڪ مدو مقرر ڪئي وڃي ته جيئن ڪرپشن جو خاتمو ٿي سگهي. مٿي کان وٺي هيٺ تائين احتساب مڪمل طور تي غائب آهي. ادارو ڪنهن به واضح رخ کان محروم آهي. ملازمن جي وڏي انگ سبب ادارو سرڪاري خزاني تي بار بڻجي ويو آهي. اهي پنهنجا اثاثا وڌائي رهيا آهن.

ايس بي سي اي هيڊ ڪوارٽر تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، ٿرٿلو مچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ايس بي سي اي هيڊ ڪوارٽر تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، آفيسرن جون ڊوڙو لڳي ويون اينٽي ڪرپشناسٽيبلشمينٽ، پوليس جي هڪ وڏي نفري ساڻ ڪري حسن اسڪوائر تي واقع سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي مک آفيس تي ڇاپو هنيو. آپريشن دوران، آفيس ۾ افراتفري پکڙجي وئي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا ڪيترائي آفيسر پنهنجون گاڏيون ڇڏي موٽرسائيڪلن تي يا پنڌ آفيس مان فرار ٿي ويا.عوامي آواز کي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڇاپي جي وقت ايس بي سي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ ضلعي اوڀر جو هڪ اهم اجلاس دوران اينٽي ڪرپشن ڇاپو هنيو ۽  پوليس اهلڪار آفيس ۾ ايندڙ ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ پڻ ڪندا رهيا، اينٽي ڪرپشن آفيسرن جي ٽيم ڊي جي ايس بي سي اي ۽ ڊائريڪٽر ايڊمن مشتاق سومرو سان هڪ اهم اجلاس ۾ مصروف هئي. هن ڪارروائي بابت مختلف قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن. ذريعن اها به ٻڌايو ته  ڇاپو ضلعي اوڀر جي آفيسرن کي گرفتار ڪرڻ ۽ رڪارڊ ضبط ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو، ۽  آپريشن ضلعي سينٽرل جي 21 آفيسرن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو، جن کي تازو ئي سببن جي نشاندهي جا نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا.ان سلسلي۾عوامي آواز سان ڳالهائيندي  ڊائريڪٽر جنرل  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي چيو ته اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو منهنجي علم ۾ ناهي.باقي اڄ لياري واقعي ۾ ايڊيشنل آءِ جي پاران جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪجهه رڪارڊ وٺڻ لاءِ چيڪ ڪرڻ لاءِ پوليس ڪالهه سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيس آئي هئي. ٻئي طرف عوامي آواز ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن امتياز ابڙو سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪال وصول نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.