ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل ڪمال عالم ۽ جسٽس حسن اڪبر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ايس بي سي اي پاران خطرناڪ عمارتن کي سيل ڪرڻ جي خلاف مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت جي حڪم باوجود عمارتن جي ٻيهر معائنو نه ڪرڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته 3سال اڳ انسپڪشن ڪيو ويو، عدالت ايس بي سي اي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي، عدالت پنهنجي آبززويشن ۾ چيو ته عدالتي حڪم کان پوءِ صرف هڪ عمارت جي ٻيهر انسپڪشن ڪئي وئي، عدالت چيو ته ڪهڙي بلڊر جي چوڻ تي ڪيو ويو ته ايس بي سي اي آفيسرن جي خلاف ڪرمنل ڪاروائي ڪئي ويندي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ٽيڪينڪل ڪميٽي جي سيڪريٽري ۽ ميمبرن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي، عدالت ٻيهر عمارتن جي انسپڪشن ڪري رپورٽ پيش جو حڪم ڏيندي 7آگسٽ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي .
-
ڪراچي ۾ بوٽ بيسن وٽ مرد ۽ عورت جا گوليون لڳل لاش هٿ
ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ٿاڻي جي حدن ۾ سمنڊ جي ويجهو هڪ نوجوان عورت ۽ مرد جا لاش هٿ آيا آهن، جن کي گولين هڻي قتل ڪيو ويو آهي،پوليس موجب، فوت ٿيل ٻنهي ڄڻن جي عمر تقريباً 25 کان 30 ورهين جي وچ ۾ آهي ۽ لاشن تي واضح طور گولين جا نشان موجود آهن۔ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا موجب، مقتول مرد جي سڃاڻپ ساجد مسيح ۽ عورت جي سڃاڻپ ثناء آصف جي نالي سان ٿي آهي،ٻنهي جو واسطو گوجرانوالا جي ساڳئي ڳوٺ سان ٻڌايو پيو وڃي۔واقعي واري هنڌ تان 9 ايم ايم پستول جي گولين جا ٻه خول مليا آهن، جڏهن ته مقتول مرد وٽان هڪ موبائل فون به هٿ آيو آهي۔پوليس موجب، ڪرائيم سين مان ثبوت گڏ ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
-
منشيات ڪيس هلائڻ لاءِ نيون عدالتون قائم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن عدالت ۾پيش
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس نثار ڀنڀرو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ منشيات ملڻ واري ڪيسن ۾ نئين عدالتن ٺاهڻ واري ڪيس ۾ عدالت ۾ گهروکاتي جي سيڪريٽري ،آءِ جي سنڌ سميت ٻيا اعلي آفيسر پيش ٿيا، عدالت ۾ گهروکاتي جي سيڪريٽري چيو ته مان سنڌ جي وڏي وزير جي اجلاس ۾ مصروف هئس، آءِ جي سنڌ سان مشاورت ٿي، هن چيو عدالت اچي وڃن،جسٽس ذوالفقار سانگي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان هڪ ٻين کان پڇي ايندا ؟ سنڌحڪومت جي وڪيل چيو ته آءِ جي سنڌ عدالت ۽ گهروکاتي جي سيڪريٽري وڏي وزير اجلاس ۾ هجي ته ٻئي سائيڊ ڪم جاري رهي، سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو عدالت ڪهڙو آرڊر پاس ڪري ته سگهيو، وڪيل چيو ته نوٽيفڪشن جاري ڪرڻ ۾ غلطي ٿي وئي آهي، اسان هن کي درست ڪنداسين، جسٽس ذوالفقار سانگي رمارڪس ۾ چيو ته اسان نٿا چاهيون ته پراڻا ڪيس ختم ٿي وڃن، صبح جو نئون نوٽيفڪشن جاري ٿي ويندو، سمورا اسٽيڪ هولڊ عدالت ۾ موجود آهن ، عدالت چيو ته صبع تائين 50 نوان ڪيس داخل ٿي ويند آهن، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
-
قصور ۾ نينگري سان اڻ وڻندڙ حرڪتون ڪندڙ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار
قصور(م ڊ) قصور ۾ نينگري سان اڻ وڻندڙ حرڪتون ڪندڙ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جوابدار پنهنجي ئي پسٽل مان جسم جي نازڪ عضون تي فائر لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، قصور ۾ نياڻي سان بيحيا حرڪتون ڪندڙ جوابدار ناصر وٽو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو،ترجمان پوليس موجب، جوابدار ٽي ڏينهن اڳ شاهه عنايت ڪالوني ۾ گهٽي ۾ کيڏندڙ نياڻي سان اڻ وڻندڙ حرڪتون ڪيون هيون ۽ جوابدار ناصر وٽو جي نياڻي سان اڻ وڻندڙ حرڪت جي سي سي ٽي وي فوٽيجز منظرعام تي آئي هئي، ترجمان پوليس ٻڌايو ته ڊي پي او نوٽيس وٺي ٿاڻي اي ڊويزن کي جوابدار جي گرفتاري جو ٽاسڪ ڏنو ۽ اڄ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.