اڄ ”ڊپارچر لائونج“ جِي پهرين سالگرهه آهي. گذريل سال جولاءِ 2024ع جي آخري اڱاري (30 جولاءِ 2024ع) تي هن سلسلي جو پهريون ڪالم شايع ٿيو هو ۽ اڄ اوهان ”ڊپارچر لائونج“ جو 52هون ڪالم پڙهي رهيا آهيو.اڄ کان هڪ ڏينهن بعد 31 جُولاءِ تي ننڍي کنڊ جي غير معمولي ڪلاڪار، آواز جي دنيا جي بادشاهه ۽ پنهنجن هزارين گيتن رستي اڻ ڳڻين دلين تي بادشاهي ڪندڙ راڳيءَ ــ محمّد رفيع صاحب جي 45هين ورسيءَ جو ڏينهن آهي، جنهنجي آواز جو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح هن خطي جي هر ٻڌندڙ سان تعلق آهي ۽ سندس آواز جي جادوءَ کان هر عمر جو سنگيت جو شائق واقف آهي.
رفيع صاحب عوام آڏو پهريون ڀيرو 13 ورهن جي عمر ۾ لاهور ۾ ننڍي کنڊ جي وڏي راڳيءَ ’ڪي ايل سهگل‘ جي موجودگيءَ ۾ ڳايو. سندس موسيقيءَ جي سفر جي باضابطه شروعات 1941ع ۾ لاهور مان رليز ٿيندڙ، پنجابي فلم ”گل بلوچ“ کان پسِ پرده ڳائڻي (پلي بيڪ سِنگر) طور ٿي، جيڪا فلم 4 سال پوءِ 1944ع ۾ رليز ٿي. هن فلم ۾ رفيع، زينت بيگم سان گڏ دوگانو ”گوريي ني، هيريي ني…“ ڳائي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، جنهن جا موسيقار شيام سندر هئا. انهيءَ ساڳئي سال، آل انڊيا ريڊيو لاهور اسٽيشن طرفان پڻ رفيع کي ڳائڻ لاءِ دعوت ڏني وئي. جڏهن ته هُنَ 1945ع ۾ فلم ”گائون ڪِي گوري“ ۾ ڳائڻ سان هندي سنيما ۾ قدم رکيو.
محمّد رفيع صاحب 1944ع کان 1980ع (پنهنجي وفات) تائين ننڍي کنڊ جي ٻڌندڙن کي پنهنجي آواز ۾ هزارين گيت ڏنا ۽ کيس پنهنجي زماني جي هر ننڍي وڏي، مشهور توڙي غيرمقبول ميوزڪ ڊائريڪٽر ڳارايو. جن موسيقارن جي تخليق ڪيل ڌُنن کي رفيع صاحب پنهنجي آواز جي سُونهن سان چار چنڊَ لڳايا، تن ۾ سِي رامچندرا، روشن، شيام جِي ــ گھنشام جِي، چتر گپت، هنس راج بِـهِل، غلام محمّد، حسن لال ــ ڀاگت رام، اويناش وياس، پنڊت روِي شنڪر، نوشاد، شنڪر ــ جئه ڪشن، او پِي نيّر، لڪشمي ڪانت ــ پياري لال، ڪلياڻ جي ــ آنندجي، ايس ڊِي برمن، سندس پُٽ آر ڊِي برمن، مدن موهن، سپن چڪرورتي، سونيڪ ــ اومي، خيام، روِي، راجيش روشن، انُو مَلڪ، بپي لهري، اُوشا کنا وغيره شامل آهن، پر جيڪا جوڙي رفيع صاحب جي نوشاد عليءَ سان جُڙي، ان جو ڪو مثال نٿو ملي. انهيءَ جوڙيءَ گڏجي ’بيجُو باورا‘، ’مغلِ اعظم‘، ’ميري محبُوب‘، ’اُڙَن کٽولا‘، ’ديدار‘، ’شباب‘، ’مَڌر انڊيا‘، ’گنگا جمنا‘، ’رام اور شيام‘ ۽ ’پاڪيزه‘ سميت لاتعداد فلمن لاءِ بيشمار يادگار گيت ڏنا، جيڪي هن خطي جي سنگيت جِي تاريخ جا سدائين شاهڪار رهندا. محمّد رفيع کان وڌ ۾ وڌ شنڪر ۽ جئه ڪشن جِي موسيقار جوڙيءَ گيت ڳارايا، جن جو تعداد 341 هو، جن منجھان 216 گيت رفيع صاحب جي آواز ۾ انفرادي گيت (سولو سانگس) هئا. جڏهن ته اومڪا پرساد نيّر (او پِي نيّر) کائنس 56 انفرادي گيتن (سولو سانگس) سميت ڪل 197 گيت پنهنجي ڪمپوزيشن ۾ ڳارايا. البته نوشاد، رفيع کان 81 انفرادي گيتن (سولو سانگس) سميت ڪُل 149 گيت ڳارايا.
محمّد رفيع پنهنجي دؤر جي هر مرد توڙي عورت پلي بيڪ ڳائڻي سان گڏ گيت ڳايا، پر سڄي عالم کي اها خبر آهي ته سندس سڀني کان وڌيڪ دوگانا لتا منگيشڪر سان گڏ ئي مقبول ٿيا. ڏهاڪن تائين بالي وُوڊ فلم انڊسٽريءَ ۾ ”دوگاني“ لفظ مان مراد ئي اها ورتي ويندي هئي ته اهو گيت رفيع ۽ لتا کي ئي ڳائڻو آهي. رفيع ۽ لتا منگيشڪر لڳ ڀڳ 459 گڏيل گيت (دوگانا) ڳايا. آواز جِي هن تاريخي جوڙيءَ 1950ع ۽ 1960ع واري بالي ووڊ جي سونهري ڏهاڪن تي راڄ ڪيو ۽ اسانکي ڀارتي سنيما جي تاريخ جا ڪجهه بيحد رومانوي ۽ دل کي ڇهندڙ گيت ڏنا، جيڪي اڄ به ٻڌندڙن کي وڻن ٿا. ان کانسواءِ رفيع، آشا ڀوسلي سان گڏ به 50 کان مٿي گيت ڳايا. هن شمشاد بيگم سان 160 دوگانا، سُمن ڪليانپُور سان به 160 گڏيلَ نغما، گيتا دت سان 134 کان مٿي گيتَ، اُوشا کنا منگيشڪر سان ٻه ٽي گيت، جڏهن ته ملڪهء ترنم نورجهان سان فلم ”جُگنو“ جو هڪ دوگانو ڳايو. ان کانسواءِ هن آرتي مکرجي، چندراني مکرجي، انُوراڌا پوڊوال، سُلڪشنا پنڊت، اُوما ديوي (ٽُن ٽُن)، زينت بيگم، رُونا ليليٰ، اداڪاره سائره بانو ۽ اداڪاره شرميلا ٽئگور سان به هڪ هڪ دوگانو ڳايو. نورجهان سان سندس گڏيل هندوستاني فلم ”جگنو“ جو دوگانو ”يهان بدلا وفا ڪا بيوفائي ڪي سوا ڪيا هي…“ ورهاڱي کان اڳ جي سُپر هٽ گيتن منجھان هڪ هو، جيڪو نُورجهان ۽ دليپ ڪمار تي فلمايو ويو هو. ان طرح سان هن پنهنجي سينيئر، همعصر توڙي جونيئر مرد آوازن مان به لڳ ڀڳ سمورن راڳي ساٿين سان دوگانا ڳايا. جن ۾ ڪُندن لعل سهگل، هيمنت ڪمار، مڪيش، ڪشور ڪمار، مناڊي، شيلندرا سنگھه، محمود، مهيندر ڪپُور، نتن مڪيش، ڀوپندر سنگھه، جِي ايم دراني، اُدت نارائڻ ۽ ٻيا شامل آهن. انهن سمورن مرد ڳائڻن منجھان ڪشور ڪمار سان گڏ رفيع صاحب جي ڳايل گيتن جو تعداد ٻين سان گڏ ڳايل گيتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي ۽ هڪ محتاط اندازي مطابق ٻنهي گڏجي 35 کان مٿي گيت ڳايا آهن.
محمّد رفيع پنهنجي پوري ڪيريئر ۾ هنديءَ ۽ اردوءَ سميت، پنهنجي مادري ٻولي پنجابي، سرائڪي، گجراتي، مراٺي، انگريزي، ڪنڪني، ڀوڄپوري، سنڌي، آسامي، بنگالي ۽ ٻين ڪجھه ٻولين ۾ ڪل 7 هزار 405 گيت ڳايا، جن مان هن 4 هزار 425 گيت هندي فلمن لاءِ جڏهن ته 310 گيت ٻين ٻولين جي فلمن لاءِ ڳايا. ان کانسواءِ هن 328 غيرفلمي گيت به ڳايا. جن ۾ ڪي ڪمرشل ’جِنگلس‘ به شامل هئا.
جيئن مٿي ذڪر ڪري آياسين ته رفيع صاحب ٻين ٻولين سان گڏ سنڌيءَ ۾ به ڳايو ۽ انتهائي سهڻي انداز ۾ ڳايو. سندس 8 گيتن تي مشتمل سنڌي گيتن جو البم 1970ع واري ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ ڀارت مان رليز ٿيو، جنهنجو عنوان هو: ”رفيع ڳائي سنڌي راڳ“ (Rafi Sings Sindhi Songs). هنن ڪافين ۽ گيتن جي موسيقي پروفيسر رام پنجواڻيءَ ترتيب ڏني هئي، جڏهن ته ان پروجيڪٽ ۾ سندس سهڪاري ۽ سهائڪ، اسير داس ساپرو هو. انهن 8 اسمن ۾ هڪ لطيف سائينءَ جي وائي، ٻه سچل سائينءَ جون ڪافيون، هڪ بُلهي شاهه جي سرائڪي ڪافي ۽ 4 ٻيا ڪلام شامل هئا، جن جو وچور هن ريت آهي ۽ اهي ڪلام هيٺينءَ ترتيب سان ئي ان آڊيو ڪئسيٽ ۾ شامل ڪيا ويا هئا:
سائيڊ A:
1 ــ ڪهڙي ڪيان مهمانِي، يار منهنجي گھر آيو (شاعر: سچل سرمست(
2 ــ بادل آيا بهارَ ميان، ڪر ڪا وسڻَ جِي يارَ ميان! (شاعر: ڀوڄل(
3 ــ جيڪو سڀئي سياڪا سٽي، اهو مرد اچي ميدانَ ۾ (شاعر: روشن(
4 ــ هي عاشقن جا انصافَ، اچن سِرَ گھوري گھوري (شاعر: ڪرمداس(
سائيڊ B:
5 ــ تُون آهين صاحب صورت جو، هي آهي غلام تُنهنجو (شاعر: سچل سرمست(
6 ــ دردن جِي مارِي ويچاري، پنهل لاءِ رڙندي وتي (شاعر: شاهه عبداللطيف ڀٽائي(
7 ــ ڪيا جاني دم ڪوئي ــ سرائڪي ڪافي (شاعر: بابا بُلهي شاهه(
8 ــ ڪلنگيءَ وارا لالَ! (شاعر: پروفيسر رام پنجواڻي)
هن آڊيو ڪئسيٽ کي ڀارت ۾ Polydor اسٽيريو، جڏهن ته سنڌ ۾ ”پارس“ اسٽيريو ڪمپنيءَ جاري ڪيو هو. هي البم سڄي لوڪ ۾ رهندڙ سنڌي سنگيت جي شائقين ۾ بيحد مقبول ٿيو.
رفيع صاحب ٻه شاديون ڪيون. سندس پهرين شادي پنهنجي سؤٽِ بشيران بيبيءَ سان سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ٿي هئي. هيءَ شادي ان وقت ختم ٿي، جڏهن سندس پهرين زال ورهاڱي کانپوءِ ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻته ورهاڱي دؤران سندس والدين قتل ٿي ويا هئا ۽ پوءِ هوءَ پاڪستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪري لاهور هلي وئي. پوءِ رفيع صاحب جي ٻِين شادي بلقيس بانو سان ٿي. رفيع صاحب کي پهرين شاديءَ مان هڪ پٽ ــ سعيد رفيع ۽ ٻِين شاديءَ مان 3 پُٽن ۽ 3 نياڻين، شاهد رفيع، نسرين احمد، ياسمين رفيع، پروين رفيع، حامد رفيع ۽ خالد رفيع جو اولاد ٿيو. سندس ٻن ٻارن پنهنجي هن عظيم پيءُ بابت ٻه ڪتاب لکيا آهن. جن ۾ ياسمين رفيع جو 2012ع ۾ شايع ٿيل انگريزي ڪتاب ”ماءِ ابا ــ اي ميمواير“ (منهنجي ابي جُون ساروڻيُون) ۽ شاهد رفيع جو سُجاتا ديو سان گڏ تصنيف ڪيل 2015ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب شامل آهي، جنهن جو عنوان آهي:
Mohammed Rafi: Golden Voice of the Silver Screen
)محمّد رفيع ــ سِلوَر پردي جو سون جهڙو آواز(
رفيع صاحب پنهنجي زال بلقيس ۽ وڏي ڀاءُ محمّد دين سان 1970ع ۾ حج به ادا ڪيو. پنهنجي مزاج ۾ لڄارو ۽ ڪم گو ۽ انٽرويو ڏيڻ کان لنوائيندڙ سادو سلُوڻو ۽ سدا مرڪندڙ سچو ۽ اُجرو انسان، محمّد رفيع، احساسن جا ترجمان اڻ ڳڻيا گيت ڳائي، 31 جولاءِ 1980ع تي دل جي شديد دؤري پوڻ سبب فقط 55 ورهن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جنازي جو آخري سفر ڀارتي تاريخ جي وڏن جنازن مان هڪ هو، جنهن ۾ 10 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. کيس بمبئيءَ (هاڻوڪي ممبئيءَ) جي جُـهُو مسلم قبرستان ۾ دفنايو ويو. تڏهوڪي ڀارتي حڪومت سندس لاڏاڻي تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري سوڳ جو اعلان ڪيو هو.
هر سچي ڪلاڪار جيان رفيع صاحب جو آواز به سندس ٻڌندڙن جي دلين ۾ ايندڙ ڪئين ڏهاڪن تائين پيو گُونجندو ۽ سندن جذبن جي ترجماني ڪندو رهندو.