اهو جمعي جو ڏينھن هو. ٻن ڏينهن جي مينهن کان پوءِ گرمي ۽ ٻوسٽ سبب حالت خراب ھئي. مون کي سميع دين بلوچ جو پيغام مليو ته اڄ ماهه رنگ بلوچ ۽ سندس ساٿين جي آزادي لاءِ نيشنل پريس ڪلب، اسلام آباد جي ٻاهران ٻنپھرن جو ھڪ احتجاج ڪيو ويندو.
اسلام آباد ۾بيٺڪتي دور جي ياد ڏياريندڙ قلم 144 لاڳو آهي. ان کان علاوه، هڪ قانون ٺاهيو ويو آهي تھ انتظاميا کان لکت ۾ اجازت حاصل ڪرڻ کان سواءِ ڪوبھ جلسو جلوس ڪڍيو ويندو ته ان کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ ڊگهي عرصي لاءِ جيل موڪليو ويندو. اھو قانون لاڳو ٿيڻ کان پوءِ، اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان فلسطين جو جهنڊو کڻي روڊ تي آيو تھ کيس گرفتار ڪيو ويو. طاهره عبدالله کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هوءَ اسرائيل خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ روڊ تي آئي.
مون کي خبر نه هئي ته سميع دين بلوچ جنھن مظاهري جو اطلاع ڏنو آھي ان جي لاءِ ڪا تحريري اجازت حاصل ڪئي وئي هئي يا نه، پر مان جمعي جي نماز کان پوءِ نيشنل پريس ڪلب جي ٻاهران پهتس. مون کي اتي ڪجهه پوڙهيون عورتون ۽ ننڍيون ڇوڪريون نظر آيون، جيڪي هٿن ۾ گم ٿيل ماڻهن جون تصويرون کڻي بيٺل هيون، مان 2006 کان اهي منظر ڏسي رهيو آهيان جڏهن آمنه مسعود جنجوعه پارليامينٽ هائوس اسلام آباد جي گيٽ تي پنهنجي مڙس مسعود جنجوعه جي تصوير کڻي ايندي هئي. ان وقت عمران خان قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جو واحد ايم اين اي هو.هڪ ڏينهن هو آمنه مسعود جنجوعه کي پارليامينٽ هائوس اندر وٺي ويو ۽ قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو ته جبري گمشدگيون وڌي رهيون آهن، جنهن سان ملڪ ۾ آئين ۽ قانون ڪمزور ٿي رهيو آهي.
20 سال گذري ويا آهن. آمنه مسعود جنجوعه جو مڙس واپس نه آيو آهي. 20 سالن کان پوءِ ڪجهه بلوچ عورتون ٻيهر اسلام آباد ۾ پنهنجن پيارن جون تصويرون کڻي رياست کان انصاف جو مطالبو ڪري رهيون آهن.انھن عورتن ۽ ٻارڙين روڊ تي احتجاج ڪرڻ بدران پريس ڪلب جي سامهون هڪ خالي جاءِ تي ويٺي احتجاج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن پوليس اهو نه چئي ته اهي امن خراب ڪري رهيون آهن. اهي عورتون خالي جاءِ تي ويھي تھ رهيون پر انهن کي خيما لڳائڻ جي اجازت نه ڏني وئي. ايمان مزاري ايڊووڪيٽ پوليس آفيسرن کي درخواست ڪئي ته گرمي ۽ گھٽ ٻوسٽ آهي، مهرباني ڪري انهن عورتن کي ڇانو جو انتظام ڪرڻ جي اجازت ڏيو، پر پوليس آفيسرن چيو ته اھي مجبور آهن. مون کي اتي هڪ نياڻيءَ نظر آئي، جيڪا جهانزيب محمد حسني جي تصوير جھلي بيٺي هئي.
ڊسمبر 2023 ۾ ماهه رنگ بلوچ ڪافي عورتن ۽ ٻارن جي قافلي سان اسلام آباد آئي تھ ان جي قافلي تي لاٺي چارج ڪيو ويو ۽ پوءِ قافلي ۾ شامل عورتن ۽ ٻارن کي گرفتار ڪيو ويو. انهن ۾ هڪ پوڙھيءَ عورت گل سيما بھ شامل هئي، جيڪا جهانزيب محمد حسني جي تصوير کڻي بيٺي هئي. گل سيما مون کي ٻڌايو هو ته سندس پٽ، جهانزيب محمد حسني درزي جو ڪم ڪندو ھو. 3 مئي 2016 تي هو گهر ۾ هو تھ سندس ماءُ جي سامھون ھن جي پٽ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ مون کي ٻڌايو ويو ته هن کي هڪ ڪلاڪ کان پوءِ آزاد ڪيو ويندو. پوءِ پٽ ڪڏهن به واپس نه آيو. اها ماءُ مون کي چوندي هئي ته منهنجي پٽ ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪري سزا ڏياريو.
مون وٽ ھن جي ڏک جو ڪو علاج ناهي.اڄ اھا ماءُ مون کي نظر نھ پئي اچي پر سندس پٽ جي تصوير هڪ ننڍڙي ڇوڪري جي هٿن ۾ ڏسي ڪري مونکي تجسس ٿيو تھ هي ٻارڙيءَ ڪير آهي ؟ مان ان ٻارڙيءَ وٽ ويس ۽ پڇيو تھ ڌيءَ تون ڪير آهين؟ هن چيو، مان سيرت آهيان، جهانزيب محمد حسني جي ڌيءَ آھيان. اهو ٻڌي، مون کي محسوس ٿيو ته مان 2009 ۾ واپس هليو ويو آهيان. 16 سال اڳ انھيءَ ھنڌ پريس ڪلب جي ٻاهران، مون ڊاڪٽر دين بلوچ جي ڌيءَ سميع دين بلوچ ۽ سندس ڀيڻ مهلب پنهنجي پيءُ جي تصوير هٿن ۾ کنيل مليون ھيون. ان وقت هوءَ به هڪ ننڍڙي ڇوڪري هئي. مان جڏھن جهانزيب محمد حسني جي ڌيءَ سان اکيون نھ پئي ملائي سگهيس. هن ڪجهه پري ويٺل هڪ عورت ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته جڏهن ابو کي کڻي ويا ھئا ، تڏهن مان پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هيس. هاڻي مان 9 سالن جي آهيان. مان پنجين ڪلاس ۾ پڙهندي آهيان. مان ڪڏهن به پنهنجي پيءُ سان نه ملي آھيان. منهنجي دل مان دعا نڪتي ته اي الله،ٻارڙي ءَ کي سندس پيءُ سان ملائي.
مان ان ڇوڪريءَ سان گڏ ويھي ر هيس ۽ پوءِ ڪيتريون ئي ڪيمرائون ۽ مائيڪ منهنجي سامهون اچي ويا. سوال پڇڻ شروع ڪيا ويا. مون کي خبر نه پي پئي ته مان ڇا چئي رهيو آهيان. گھڻا سال اڳ،ماهه رنگ بلوچ به پنهنجي گم ٿيل پيءُ جي بازيابي لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاھرا ڪندي هئي. پوءِ کيس سندس پيءُ جو گوليون سان پروڻ لاش مليو. اڄ، رياست ماهه رنگ بلوچ کي دهشتگردن جو ساٿي قرار ڏئي ٿي. هاڻي تھ هوءَ قيد ۾ آهي، ته پوءِ سندس خلاف دهشتگردي جا ثبوت عدالت ۾ ڇو پيش نه ڪيا ويا آهن؟ ڪجهه سالن بعد، جهان زيب محمد حسني جي ڌيءَ کي به دهشتگرد قرار ڏنو ويندو. ڇا ڪنھن ڌيءَ کان ان جو پيءُ ڦري ڪري کيس دهشتگرد قرار ڏيڻ ڪنهن مسئلي جو حل آهي؟
مان ذاتي طور تي ڄاڻان ٿو ته نواز شريف پنھنجي آخري دور ۾ 2013 کان 2017 تائين ۽ عمران خان 2018 کان 2022 تائين جبري گمشدگين جي مسئلي کي حل ڪرڻ ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر ٻئي ناڪام ٿيا. مان جڏهن به ڪنھن ڌيءَ کان سندس پيءُ کسجڻ جي پاليسي تي تنقيد ڪندو آهيان، ته مون کي دهشتگردن جو ساٿي قرار ڏنو ويندو آهي.
جڏهن مون جهانزيب محمد حسني جي نو سالن جي ڌيءَ جي مٿي تي هٿ رکيو ۽ ان لاءِ انصاف جو مطالبو ڪيو تڏهن کان سوشل ميڊيا تي گارين ۽ الزامن جو ھڪ طوفان برپا ڪيو ويو آهي. ڪجهه مون کي هندستاني ايجنٽ تھ وري ڪنھن اجمل قصاب جو ساٿي قرار ڏنو.ڪنھن چيو ته ھيءَ ملڪ رياض کان پئسا ۽ پلاٽ وٺڻ وارو آهي،ته ڪنھن چيو تھ اهو آمريڪي ايجنٽ آهي. هڪ سينئر صحافي وڏي تھ حد ڪري ڇڏي. هن چيو ته هو اسامه بن لادن سان ڪوڙو انٽرويو ڪندڙ آهي. مان ڪيترن ئي سالن کان مختلف قسم جي الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهيان. عرض ھي آھي ته توهان انهن الزامن کي عدالت ۾ آڻيو ۽ ثابت ڪريو. اڄ جي عدالتن ۾ الزام ثابت ڪرڻ جو چيلينج ڏيڻ خطري کان خالي ناهي، پر ڪجهه تھ ڪريو. آخر ۾ مان وزيراعظم شهباز شريف کي گذارش ڪريان ٿو ته جهانزيب محمد حسني جي نو سالن جي ڌيءَ سيرت کي صرف اهو ٻڌايو ته سندس پيءُ ڪٿي آهي ؟ ھڪ ٻي نياڻيءَ کي ماههه رنگ بلوچ ۽ سميع الدين بلوچ نه بڻايو.
(روزاني جنگ جي ٿورن سان)