جعفر ايڪسپريس تي سنڌ جي حدن ۾ ٿيل حملو!؟

تحرير: ستار زنگيجو

جعفر ايڪسپريس تي حد شڪارپور همايون ويجهو جيڪب آباد کان ڪجهه ڪلوميٽر اڳ هڪ ڀيرو پٽڙي ٽوڙي حملو ڪيو ويو آهي. جعفر ايڪسپريس سرڪاري ريل هئڻ ڪري سدائين نشاني تي رهندي آئي آهي.هن سال 11 مارچ 2025ع تي  بلوچستان ۾ جعفرايڪسپريس جي هاءِ جيڪنگ جو وڏو واقعو پيش آيو هو جنهن کانپوءِ ٽرين کي ڪجهه ڏينهن بند ڪرڻ کانپوءِ 28 مارچ تي ٻيهر بحال ڪيو ويو هو ان کان اڳ آخري ڀيرو 18 جون 2025ع جيڪب آباد ۾ ساڳي ريل جعفرايڪسپريس تي پٽري  ڦاڙي حملو ڪيو ويو.بي بي سي اردو رياض سهيل سان ڳالهائندي ٻڌايو ته هن حملي جي ذيمواري بلوچ رپبلڪن گارڊ قبولي هئي.

جعفر ايڪسپريس تي سنڌ ۾ حملي ٿيڻ بابت هڪ موقف اهو به آهي روڊ ٽرانسپورٽ مافيا ڪڏهن به نه چاهيندي آهي ته  جعفرايڪسپريس  يا ٻيون ٽرينون رواني سان سنڌ  ۽ بلوچستان ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان تائين هلنديون رهن.جعفر ايڪسپريس  لاِءِ سيڪيورٽي خدشن ڪارڻ اهو صاف رهندو آيو اهي ته جعفر ايڪسپريس  ڏينهن جي روشني ۾روهڙي کان داخل ٿي شڪارپور، جيڪب آباد کانپوءِ بلوچستان ڊيرامراد جمالي کان ٿيندي سبي ۾ داخل ٿي ڪوئيٽ شام جو پهچي ويندي آهي ۽  اتان روزانو ٽرين صبح جو سوير نڪريندي آهي.. جيڪڏهن ان ۾ دير ٿي وڃي ته  پوءِ ان کي جيڪب آباد ۾ روڪيو ويندو آهي ۽ ڏينهن جي روشني ٿيڻ کانپوءِ روانو ڪيو ويندو آهي.

 سنڌين جو  هڪ موقف صاف رهيو آهي ته بلوچستان جا بلوچ ۽ سنڌ جا سنڌي سياسي طور فطري اتحادي آهن. پر سنڌي ڪڏهن به ڪنهن دهشت گردي جي حمايت ناهي ڪئي . عام سنڌي  سياسي قومپرست ڪارڪن پرامن جدوجهد جا حامي آهن. سنڌي ماڻهو قانوني طرح سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي جي خلاف آهن. جيڪڏهن ڪو ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهي ته يونيورسل ڊڪلريشن آف هيومن رائٽس UDHR  ۽ پاڪستان جي آئين جي ڏنل حقن موجب فرد تي ڪورٽن ۾ ڪيس هلايو وڃي.

بلوچن جي جدوجهد آهي ته بلوچستان ۾ کين ڌاري آبادڪاري نه کپي  سنڌي ماڻهو ان جو به حمايتي آهي ته بلوچن جا وسيلا بلوچن تي خرچ ڪيا ويا وڃن. بلوچ سياسي ڪارڪن خلاف تشدد بند ڪيو وڃي

پر بلوچن جي سنڌ جي حدن ۾ تشدد وارين ڪارروائين جي ڪڏهن به حمايت نه ٿي ڪري سگهجي. سياسي ڪارڪن بلوچستان جي تشدد واري جنگ سنڌ ۾ وڙهڻ جي ڀرپور مذمت ڪندا. ان جو نقصان عام سنڌي  ماڻهو توڙي ڪنهن به انسان جو نه ٿيڻ گهرجي سنڌ ۽  بلوچستان جي ماضي ۾ سينئر  سياسي ڪارڪنن جو اهو فطري اتحاد رهيو آهي ته بلوچستان ۾ رهندڙ سبي تائين ، لسبيلا تائين رهندڙ سنڌي بلوچستان ۾ سياسي پراسيس جو حصو رهندا جڏهن ته سنڌ ۾ بلوچستان جو سياسي پارٽيون ڪنهن به قسم جي سياست نه ڪنديون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.