البرٽ آئن انسٽائين جو قول آهي ته جيڪڏهن دنيا مان ماکي جون مکيون ختم ٿي وڃن ته انساني نسل چئن سالن اندر ختم ٿي ويندو توڻي جو يقين سان نه ٿو چئي سگھجي ته اهو قول آئن اسٽائن جو آهي به يا نه پر اها هڪ ناقابلِ يقين حقيتت آهي ته ماکيءَ جي مکين بنا دنيا جي خوراڪ جي پيداوار کي تمام گھڻو نقصان پهچندو. قرآن پاڪ جي هڪ صورت (النحل) جنهنجي معنيٰ آهي ته ماکيءَ جي مک انجي آيت نمبر 67 ۾ ماکيءَ جي مک بابت ذڪر ڪيل آهي. ترجمو : (۽ تنهنجي پرودگار ماکيءَ جي دل ۾ هي ڳالهه وجھي ڇڏي ته جبلن ۾ وڻن ۾ ۽ انهن جاين ۾ جيڪي انهيءَ مطلب لاءِ ڪنهن مٿانهين جاءِ تي ٺاهيون وڇن ٿيون، پنهنجي فرمانبرداري سان گامزن ٿي.
اصل م ماکيءَ جون مکيون Universal Pollinators آهن. Pollination ٻوٽن ۾ هڪ عمل ٿيندو آهي، جنهن سان نر جزا مادي جزي سان ملندا آهن پوءِ ٻوٽي ۾ ٻج پيدا ٿيندو آهي ۽ ان ٻوٽي جو نسل وڌندو آهي. اهو عمل ڪن ٻوٽن ۾ قدرتي طور ٿيندو آهي ته ڪن ۾ هٿرادو. هاڻي ماکيءَ جي مک ڪنهن فصل جي هڪ گل کان ٻئي گل تي ويهندي آهي ته انجي پيرن سان نر يا مادي جزا Pollins چنبڙي پوندا آهن، جيڪي هڪ کان ٻئي ٻوٽي تائين پهچندا آهن ۽ ٻوٽي ۾ ٻج تيار ٿيندو آهي ۽ پيداوار وڌندي آهي. جيترو اهو عمل وڌيڪ ٿيندو اوتري پيداوار وڌيڪ ٿيندي، ان عمل کي Pollination چئبو آهي.
ماکيءَ جون مکيون دنيا جون سڀ کان وڌيڪ Pollinatorsآهن ۽ 70 سيڪڙو فصل کي Pollination ۾ مدد ڏين ٿيون، جنهن جي ذريعي Pollins جا ذرڙا هڪ ٻوٽي کان ٻي ٻوٽي تائين پهچندا آهن ۽ ٻوٽي جي ٻجن ذريعي واڌ ويجھ ٿئي ٿي. اهو عمل نه صرف باغن ۽ سبزين م ٿئي ٿو پر جھر جهنگ جتي ساوا ميدان ۽ جهنگلي ٻوٽا پڻ آهن اتي به ٿئي ٿو. ماکيءَ جي مک کان بغير نه صرف سبزين ۽ تيلي ٻجن مثال طور سرنهن، سورج مُکي، ppسويابين، تر، ڄانڀو، السي وغيره ۾ ٿئي ٿو بلڪه بادامين، اخروٽن، ڪافي، ڪوڪوبين، ٽماٽن ۽ صوف وغيره جي فصلن جي Pollination کي پڻ نقصان پهچي ٿو. سائنسدانن ماکيءَ جي مکين کي ڌرتي جي گولي تي سرڪاري طور سڀ کان وڌيڪ Pollinators طور مڃي ورتو آهي، انڪري ماکيءَ جون مکيون نه صرف ماکي ٺاهڻ جي لاءِ پر انساني خوراڪ جي پيداوار جي لاءِ به اهم آهن. اها هڪ حيران ڪندڙ حقيقت آهي ته جيڪڏهن مکيون ختم ٿي وڃن ته انسان جي بقا به مشڪل ٿي پوندي، سولي طرح چئجي ته ماکيءَ جي مک ختم ٿي وئي ته فصلن جي Pollination جي مقدار ۾ گھٽتائي ايندي، جنهن جو اثر فصل جي پيداوار تي پڻ پوندو ۽ آخرڪار ڏڪار جھڙي صورتحال پيدا ٿي پوندي. ٿورو سوچيو ته جيڪڏهن مکيون ختم ٿي وڃن ته ميوا، سبزيون ۽ ٻيا اهم فصل پيدا ٿيڻ گھٽجي ويندا ۽ زراعت گھڻي متاثر ٿيندي ۽ خوراڪ جي قلت پڻ پيدا ٿي پوندي. قدرتي ٻيلا ۽ جھنگ ۽ گاهه جا ميدان به ختم ٿي سگھن ٿا، ڇو ته ڪيترائي وڻ ۽ ٻوٽا Pollination تي دارومدار رکن ٿا. جنهن سان خوراڪ جي سپلاءِ چين Supply Chain تباهه ٿي ويندي.
ماکيءَ جون مکيون اسانجي Eco System ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. ماحولياتي تحفظ لاءِ به انهن جو بچاءُ ضروري آهي. هڪ حياتياتي جاندارن تي ڪم ڪندڙ اداري خبردار ڪيو آهي ته موسم جي تبديلي پڻ ماکيءَ جي مکين لاءِ ٻين خطرن سان گڏ هڪ وڏو خطرو آهي. آب هوا جي تبديلي جي ڪري گرمي پد ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ ماکيءَ جي مکين ۾ جسماني توانائي Metabolic Rate به تيز ٿي وڃي ٿو، انڪري ماکيءَ جي مکين کي کاڌو گڏ ڪرن لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻ پوي ٿي ۽ هو معمول کان وڌيڪ توانائي صرف ڪن ٿيون. موسم جي تبديلي گلن تي پڻ اثرانداز ٿئي ٿي، مثال طور جيڪڏهن گل بهار جي آخر ۾ ٽڙن ٿا ته ماکيءَ جون مکيون ان مان خوراڪ حاصل نه ڪري سگھنديون. بهار جي موسم ۾ هو بغير کاڌي جي مري وڃن ٿيون. تحقيقاتي اداري جو اهو به چوڻ آهي ته خاص قسم جي ڪيڙا مار دوائن ۽ گندگاهه ختم ڪندڙ دوائن جو استعمال ماکيءَ جي مکين کي ختم ڪري سگھي ٿو يا ڪمزور ڪري ڇڏي ٿو. ماکيءَ جي مکين ۾ انهن جي لڏپلاڻ Migration به اهم آهي. موسمياتي تبديلي جي ڪري فصل اڳواٽ يا دير سان ٿين ٿا ۽ ماکيءَ جون مکيون هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ منتقل ٿين ٿيون. مکيون جيڪڏهن فصلن ۽ گلن مان خوراڪ حاصل ڪن ٿيون ۽ اهي فصل ئي نه رهن ته پوءِ ڇا ٿيندو ؟. اهڙي ئي صورتحال جهنگلي ۽ قدرتي طور پيدا ٿيندڙ ماکيءَ جي مکين سان پڻ آهي. عام جڳهن جي بنسبت جھنگلن ۽ ٻيلن ۾ مختلف قسمن جا جاندار سڀ کان گھڻا آهن، جيڪڏهن ٻيلا ۽ وڻ تباهه ٿي ويندا ته انهن جي رهڻ جون جايون ۽ خوراڪ حاصل ڪرڻ جون جايون به تباهه ٿي وينديون.
پاڪستان سميت دنيا جي ملڪن ۾ هٿرادو طور ماکيءَ جي مکين جي پالنا پڻ ڪئي وڃي ٿي ۽ مناسب ناڻو پڻ ڪمايو وڃي ٿو. پر اصل مقصد ماکيءَ جي مکين جي نسل کي بچائڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اسانجي بقا پڻ شامل آهي. اچو ته پنهنجي ماحول کي صاف سٿرو بڻايون، ماکيءَ جي مکين کي صرف سرسري نه ڏسون ۽ ائين نه سمجھون ته هو صرف ماکي ٺاهين ٿيون. بلڪه انهن جو اسانجي بقا ۾ حصو پن شامل آهي. انهن جو احترام ڪريون ۽ انهن کي ڪابه تڪليف نه پهچايون، پنهنجي اوڙي پاڙي ۾ وڻ ٻوٽا لڳايون، ڪيميائي دوائون استعمال ڪرڻ کي ڇڏي حياتياتي ۽ ماحول دوست دوائون استعمال ڪيون. ننڍا قدرتي ٻيلا نه ڪٽيون جيئن ماکيءَ جي مکين کي مناسب ۽ واڌ ويجھ وارو ماحول ميسر ٿي سگھي، جنهن ۾ نه صرف ماکيءَ جي مکين پر ان سان گڏ اسانجي بقا پڻ شامل آهي.
( نليکڪ يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جي فيڪلٽي آف ايگريڪلچر سائنس جو شاگرد آهي) .