ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽر سان واسطو رکندڙ 19 ورهين جي دويا ديشمک، انٽرنيشنل ماسٽر، گرينڊ ماسٽر همپي ڪونرو کي ٽاءِ بريڪ ۾ 1.5-0.5 تان شڪست ڏئي شطرنج جو وومينز ورلڊ ڪپ کٽي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب، هوءَ جي ايم اليگزينڊرا ڪوستينيوڪ ۽ جي ايم اليگزينڊرا گورياتشڪينا کان پوءِ ٽئين عورت آهي جنهن شطرنج ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪيو آهي.
ٻن 15+10 ريپيڊ ٽاءِ بريڪ گيمز ۾ دويا عزم ۽ سڪون جو مظاهرو ڪيو. پهريون گيم برابر ٿيڻ کانپوءِ، جنهن ۾ هوءَ هڪ بهترين موقعو وڃائي ويٺي، ٻئي گيم ۾ اعليٰ درجي جي مهارت ڏيکاري.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
ان ۾ هن ڪاري مُهري سان کيڏندي سولائيءَ سان برابري حاصل ڪئي ۽ پوءِ وقت جي کوٽ جي دٻاءَ ۾ همپي جي غلطيءَ مان فائدو وٺندي شاندار انداز ۾ ٽرافي پنهنجي نالي ڪيو.
ان تاريخي فتح سان دويا ديشمک نه رڳو 2025ع جي وومينز ورلڊ ڪپ جي چيمپيئن بڻجي وئي، پر شطرنج جي دنيا جي سڀ کان دلچسپ نوجوان ستارن مان هڪ طور اُڀري آهي.
آخري گيم کان پوءِ جذباتي دويا پنهنجي ماءُ کي ڳلي لڳايو ۽ چيو” هن وقت مون وٽ پنهنجا جذبا بيان ڪرڻ لاءِ لفظ نه آهن، هيءَ سوڀ تمام وڏي اهميت رکي ٿي، پر هي رڳو شروعات آهي، اڃا گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻو آهي“