سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته ڪورونا جي هڪ ويڪسين اکين جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿئي ٿي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته اها وئڪسين انسان جي اکين تي عارضي اثر وجهي سگهي ٿي، خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي اڳ ئي اکين جي ڪنهن بيماري، آپريشن يا ٽرانسپلانٽ مان گذري چڪا آهن.
ترڪي جي طبي ماهرن هڪ گروپ تي تحقيق ڪئي، جن کي فائزر وئڪسيني جي ٻي خوراک لڳائي وئي هئي. انهن ماڻهن جي اکين جي "قرنيي” (Cornea) جي اندرين تهه "اينڊوٿيليم” جو معائنو ڪيو ويو. رپورٽ موجب وئڪسين لڳڻ کان ٻه مهينا پوءِ قرنيي جي ٿولهه وڌيل ۽ اينڊوٿيليم جي سيلن جو انگ تقريبن 8 سيڪڙو گهٽيل هو.
تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽرن موجب عام طور صحت مند ماڻهن لاءِ اها تبديلي خطرناڪ ناهي، پر جن ماڻهن جي اکين ۾ اڳ ئي مسئلا موجود آهن، تن لاءِ اها صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي سگهي ٿي.
ماهرن صلاح ڏني آهي ته اهڙن ماڻهن جي اکين جو باقاعده طبي معائنو ٿيڻ گهرجي، خاص ڪري جيڪڏهن انهن کي ڪورونا وئڪسين جا وڌيڪ ڊوز به وٺڻا آهن.