آزاد ڪشمير ۾ انساني رت جي پياسي چيتي کي گولي هڻي ماريو ويو

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ شهرين تي حملا ڪندڙ چيتي کي گولي هڻي ماريو ويو.
ايل او سي ڀرسان ڳوٺ گهاني تنگ ۾ آبادي تي حملو ڪندڙ شينهن کي گولي هڻي ماريو ويو.
ايس پي مرزا زاهد موجب مقامي ماڻهن سڃاڻپ ڪئي ته مرندڙ چيتو اهو ئي آهي، جيڪو آبادي ۾ انسانن تي حملا ڪندو هو.
ٻه ڏينهن اڳ چيتو گهر مان 8 ورهين جي ٻارڙي کي کڻي ويو هو، جيڪا پوءِ مئل حالت ۾ هٿ آئي هئي، جڏهن ته چيتي گذريل ڏينهن به حملو ڪري هڪ نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو هو.
ايس پي وڌيڪ چيو ته اهڙو جانور هڪ ڀيرو انسانن تي حملو ڪري ته هر هر حملي جي ڪوشش ڪندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.