اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شهرين لاءِ نئين سهولت متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نادرا طرفان جاري ڪيل سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ نادرا سروس سينٽر تي پوائنٽمينٽ بڪنگ جو آپشن جلد متعارف ڪرايو ويندو.
فيز ون تحت سڄي ملڪ ۾ 43 نادرا رجسٽريشن سينٽرن تي پوائنٽمينٽ جي سهولت هوندي، ان کانسواءِ توهان پاڪستان ۾ هجو يا ٻاهر، پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ذريعي آساني سان نادرا جي سڃاڻپ دستاويزن لاءِ فيس ادا ڪري سگهو ٿا.
You might also like