ممبئي (ويب ڊيسڪ) باليووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ممبئيءَ واري گهر اوچتو پوليس جي اعليٰ عملدارن جي آمد سندس چاهيندڙن کي پريشان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ممبئي جي علائقي باندرا ۾ ڀارتي پوليس جا 25 آفيسر عامر خان سان ملاقات لاءِ پهتا.
عامر خان جي گهر مان پوليس آفيسرن جي نڪرڻ واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، جن تي مداحن طرفان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
اداڪار جي ٽيم ذريعن موجب، پوليس آفيسرن جي اوچتي دوري جي ڄاڻ نه آهي ۽ هو پڻ اداڪار سان ملي صورتحال سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ٻئي پاسي هڪ ٻي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڀارتي پوليس جا ٽريني آفيسر عامر خان سان ملاقات جا خواهشمند هئا، جنهن کانپوءِ 25 ماڻهن تي ٻڌل ٽيم کي سندن گهر موڪليو ويو.
عامر خان يا سندس ٽيم طرفان ان حوالي سان ڪو باظابطا بيان جاري ناهي ڪيو ويو