پنجاب اسيمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبر حڪومتي ميمبر کي چماٽ وهائي ڪڍي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبر حڪومتي ميمبر کي چماٽ وهائي ڪڍي.
اپوزيشن ميمبر خالد نثار ڊوگر حڪومتي ميمبر حسان رياض تي حملو ڪندي کيس چماٽ هنئي، جنهن کانپوءِ اهي هٿين پئجي ويا.
ٻنهي ميمبرن طرفان هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ تي معاملو وڌيو، جنهن کانپوءِ ٻين ميمبرن وچ ۾ اچي صورتحال تي ضابطو آندو.
قائم مقام اسپيڪر واقعي سبب اجلاس 5 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.