اليڪشن ڪميشن سينيٽر اعجاز چوڌري، احمد خان ڀچر ۽ احمد چٺا کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعجاز چوڌري، ايم اين اي محمد احمد چٺا ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر احمد خان ڀچر جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن سينيٽر اعجاز چوڌري جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو ته اعجاز چوڌري کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏوهي قرار ڏئي 10 سالن جي سزا ٻڌائي آهي، هو آرٽيڪل 63 ون ايڇ تحت سينيٽ ميمبر هجڻ جي اهل ناهي رهيو.

تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو

اليڪشن ڪميشن طرفان ايم اين اي محمد احمد چٺا ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر احمد خان جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب دهشتگردي ٽوڙ عدالت احمد چٺا ۽ احمد خان ڀچر کي ڏوهي قرار ڏيندي 10 سالن جي سزا ٻڌائي آهي، احمد چٺا اين اي 66 وزيرآباد ۽ احمد خان پي پي 87 ميانوالي مان ميمبر چونڊيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.