لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو 14 سيپٽمبر تي شيڊيول آهي ٻنهي روايتي مخالفن کي هڪ ئي گروپ ۾ رکيو ويو آهي، سپر 4 ۾ به ٻئي ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ جيڪڏهن ٻنهي ٽيمن فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو ٽورنامينٽ ۾ ٽيون ڀيرو شوقينن کي پاڪ-ڀارت دنگل ڏسڻ لاءِ ملندو.
ڍاڪا ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جو ساليانو اجلاس دورانايشيا ڪپ بابت معاملن کي حتمي شڪل ڏني وئي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پهرين اجلاس بنگلاديش ۾ ڪرائڻ تي اعتراض واريو ۽ پوءِ آن لائين شرڪت کان انڪار ڪندي ايونٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو.
پر آخري موقعي تي ڀارتي عملدارن نه رڳو آن لائين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي پر حتمي فيصلي کان اڳ حڪومت کان اجازت لاءِ وقت گهريو ۽ منظور ملڻ کانپوءِ ايونٽ لاءِ ها ڪئي.
بي سي سي آءِ طرفان گرين سگنل ملڻ کانپوءِ اي سي سي جي صدر محسن نقوي سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي ايشيا ڪپ جي شيڊيول جو اعلان ڪيو.
ٻئي پاسي ڀارت ۾ ڪجهه ڌريون پاڪستان سان ميچ جي بائيڪاٽ جون مهم هلائي رهيون آهن.
ويجهڙ ۾ سوشل ميڊيا تي دٻاءُ وڌائي اڳوڻن ڀارتي ڪرڪيٽرن کي ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ پاڪستان سان ميچ جي بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.
تازا ترين ۽ اهم خبرن تائين ترت ۽ آسان رسائي لاءِ عوامي آواز جي واٽس ايپ چينل کي فالو ڪريو
هاڻي ان حوالي سان قومي ٽيم تي پڻ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر ڀارتي بورڊ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو ايندڙ ايونٽ ۾ پاڪستان سان ميچ جو بائيڪاٽ نه ڪندو ۽ نه ئي ٽورنامينٽ تان هٿ کڻندو.
بي سي سي آءِ جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته بي سي سي آءِ نه ٽورنامينٽ تان هٿ کڻندو نه ئي هاڻي ميچ جو بائيڪاٽ ڪري سگهي ٿو.
اي سي سي جي اجلاس کانپوءِ انهيءَ فيصلي تي اتفاق ٿي چڪو آهي، ڀارت ايشيا ڪپ جو ميزبان ملڪ آهي ۽ هاڻي ڪا به تبديلي ممڪن نه آهي.
ذريعن موجب، اعلى سطحي صلاح مشوري کانپوءِ اهو سڀ طئي ڪيو ويو آهي، تنهنڪري پاڪستان سان ميچ به شيڊيول تحت ٿيندي.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏ گروپ اي ۾ عمان ۽ گڏيل عرب امارتن جون ٽيمون شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ سري لنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ هانگ ڪانگ کي رکيو ويو آهي.
ميگا ايونٽ 9 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو، جڏهن ته فائنل 28 سيپٽمبر ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ آخري دنگل ٿيندو.
هواڏنهن اڳوڻي ڀارتي ڪپتان سارو گنگوليءَ به پاڪستان سان ميچ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي.
مقامي ميڊيا ڳالهائيندي گنگولي چيو ته ڀارت جو دهشتگرديءَ جي خلاف سخت موقف آهي، پر ان سان گڏ راندين جو سلسلو جاري رهڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته مون کي پاڪستان سان ايشيا ڪپ ۾ ميچ تي ڪو مسئلو ناهي.