ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ايم پي اي مولانا هدايت الرحمان بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڪوئيٽا کان اسلام آباد تائين بلوچستان جي حقن لاءِ نڪتل لانگ مارچ کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو ڪنهن هڪ پارٽييا قوم جي لاءِ نه پر سموري بلوچستان جي عوام جي دلين جو آواز آهي. صاف پاڻي، صحت، تعليم، روزگار ۽ امن بلوچستان جي عوام جا بنيادي حق آهن، ۽ انهن جي ساحل ۽ وسيلن تي انهن جي ملڪيت جي حق کي پڻ تسليم ڪيو وڃي. هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته بلوچستان ايراضي جي لحاظ کان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، پر ڪافي عرصي کان محرومي، غربت، بيروزگاري ۽ عدم مساوات جو شڪار آهي. ان جي ڌرتيءَ ۾ لڪيل بيشمار قدرتي وسيلن جي باوجود، هتي جا ماڻهو اڃا تائين بنيادي حقن ۽ معاشي استحڪام لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. لاقانونيت، ڪرپشن، غربت کان وٺي محرومي تائين، سنڌ ۽ بلوچستان جا ڏک درد ساڳيا آهن،